پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٻئي ڏينھن لاھا چاڙھا ڏٺا پيا وڃن.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 392 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 898 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 534 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 71 ھزار 571 جي بلند سطح تائين بہ ويو.
واضح رھي تہ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 506 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 66 پئسن جو ٿي ويو.
گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 67 پئسن تي بند ٿيو ھو.