لائیو پاڪستان نور خان ايئر بيس تي ايراني طيارن جي موجودگي وارين خبرن کي گمراھ ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

پاڪستان نور خان ايئر بيس تي ايراني طيارن جي موجودگي جي حوالي سان خبرن کي گمراھ ڪندڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.

پرڏيھي وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ نور خان ايئر بيس تي ايراني طيارن جي موجودگي جي حوالي سان بي ايس نيوز جي رپورٽ کي رد ڪيو ويو.

پاڪستان جي پرڏيھي وزارت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراھ ڪندڙ ۽ سنسني خيز قرار ڏيندي چيو تہ اھڙي خبر جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ امن جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پھچائڻ آھي.

پرڏيھي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي تہ جنگبندي بعد ۽ اسلام آباد ڳالھين جي ابتدائي مرحلي دوران، ايران ۽ آمريڪا جا ڪيترائي طيارا پاڪستان پھتا تہ جيئن سفارتي عملي، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ ڳالھين واري عمل جي عملي جي اچ وڃ کي آسان بڻائي سگھجي.

باضابطہ ڳالھيون اڃا ٻيھر شروع نہ ٿيون، جڏھن تہ اعليٰ سطح جا سفارتي رابطا جاري آھن، انھي تناظر ۾ ايراني پرڏيھي وزير جي اسلام آباد جي دوري کي موجودھ انتظامي ۽ لاجسٽڪ سھولتن جي ذريعي ممڪن بڻايو ويو.

پاڪستان ۾ موجود ايراني طيارو جنگبندي دوران آيو ھو ۽ ان جو ڪنھن بہ فوجي ھنگامي صورتحال يا حفاظتي انتظامن سان ڪو تعلق ناھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں