لڪي مروت: سراءِ نورنگ بازار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آھي تہ نورنگ ٿاڻي ويجھو رڪشا ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ مارجي ويل 7 ڄڻن جا لاش نورنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا.
اسپتال انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ ڌماڪي ۾ 2 ٽريفڪ اھلڪار بہ شھيد ٿيا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 18 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا، اسپتال آندل زخمين ۾ عورت ۽ ٻارڙا بہ شامل آھن.
اسپتال انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ سراءِ نورنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي.