لائیو 12 مئي سانحي کي 19 سال گذري ويا، متاثر اڄ بہ انصاف جي انتظار ۾

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن 12 مئي سانحي کي 19 سال گذري ويا پر ڪنھن کي سزا ملي نہ ڪو قصور وار قرار ڏنو ويو، لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن کان متاثر انصاف جي انتظار ۾ آھن.

12 مئي سانحي تي سياسي ٽڪراءُ، قتل ۽ بدامني جو اھو واقعو اڄ بہ پاڪستان جي عدالتي ۽ سياسي تاريخ جي ڪاري باب ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

12 مئي 2007 تي ان وقت جي معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي آمد جي موقعي تي سڄي شھر ۾ جھڙپن، فائرنگ، جلاءُ گھيراءُ ۽ سياسي ٽڪراءَ ڏسڻ ۾ آيو، 50 کان وڌيڪ ماڻھو تشدد وارن واقعن جي ور چڙھي ويا.

گذريل سال دھشتگردي جي انت واري عدالت اڳوڻي ميئر وسيم اختر سميت ٽن جوابدارن کي شاھديون نہ ھئڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو جڏھن تہ اڃا بہ مختلف عدالتن ۾ 18 ڪيس ٻڌڻي ھيٺ آھن.

سينيئر قانوندان جي ايم فاروقي جو چوڻ آھي تہ حڪومت ڪڏھن بہ 12 مئي جي ڪيسن ۾ سزائن جي لاءِ سنجيدھ نہ رھي، پوليس پھرين ڏينھن کان نہ شاھديون گڏ ڪيون ۽ نہ ئي موثر تحقيقات ڪئي جنھن سبب جوابدار سزا کان بچي ويا.

سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر رياض احمد ڀٽي جو چوڻ آھي تہ سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ 12 مئي جي ڪيسن کي منطقي انجام تائين پھچائڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي تہ جيئن متاثر خاندانن کي انصاف ملي سگھي.

قانوني حلقن مطابق 12 مئي صرف ھڪ سياسي واقعو نہ پر وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ شھرين جي قتل جو ھڪ وڏو سانحو ھو پر لڳ ڀڳ ٻہ ڏھاڪا گذرڻ باوجود متاثر انصاف کان محروم آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں