جيڪڏھن جنگ مسلط ڪئي ويندي تہ جواب بہ ڏينداسين: ايران

فہرستِ مضامین

ايران آمريڪا طرفان جنگ جي خاتمي جي تجويز رد ڪرڻ بعد سخت رد عمل ڏيندي چيو آھي تہ جيڪڏھن جنگ مسلط ڪئي وئي تہ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

ھڪ بيان ۾ ايراني پرڏيھي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آھي تہ جڏھن بہ اسان کي وڙھڻ تي مجبور ڪيو ويندو، اسان وڙھنداسين، سفارتڪاري جو رستو کليل آھي تہ تھران ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ تيار آھي، جڏھن بہ سفارتڪاري جي گنجائش ھوندي، اسان ان موقعي کي استعمال ڪنداسين.

اسماعيل بقائي چيو تہ سفارتڪاري جا بہ پنھنجا اصول ھوندا آھن ۽ ايران ھر فيصلو پنھنجي قومي مفادن کي سامھون رکي ڪندو.

ايراني گترجمان جو چوڻ آھي تہ آمريڪا اڃا بہ غير معقول مطالبن تي قائم آھي، جڏھن تہ ايران طرفان آچر تي پاڪستان جي ذريعي موڪليل جواب ھرگز حد اورانگھڻ وارو نہ ھو.

اسماعيل بقائي خبردار ڪيو تہ آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان تھران جي موقف کي رد ڪرڻ بعد خطي جو امن ۽ استحڪام وڌيڪ متاثر ٿيو آھي.

ھن چيو تہ موجودھ صورتحال پوري خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ ايران پنھنجي عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ ھر ممڪن قدم کڻندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں