ڪراچي: اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

پاڪستان رينجرز ڪراچي جي علائقي مجاھد ڪالوني مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن وٽان موٽر سائيڪل، 3 موبائل فونز ۽ روڪ رقم ھٿ ڪئي آھي.

جوابدار منشيات فروشي، شادي ھالن جي ٻاھران کيسا ڪٽڻ، بجلي جي تار چوري ڪرڻ ۾ بہ ملوث آھن.

جوابدار شادي ھالن، شاپنگ مالز جي ٻاھر ريڙھي وارن جي ويس ۾ بيھندا ھئا ۽ پارڪنگ مان موٽر سائيڪل ۽ پرزا چوري ڪري فرار ٿي ويندا ھئا.

ترجمان جو اھو بہ چوڻ آھي تہ گرفتار جوابدار جي خلاف ڪيترن ئي ٿاڻن تي ايف آءِ آرز داخل آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں