ڪراچي جي لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ منصوبي ۾ اربين رپين جي مبينہ بيضابطگين جي معاملي تي نيب ابتدائي انڪوائري مڪمل ڪري ورتي.
ذريعن موجب انڪوائري ۾ ملندڙ شاھدين جي بنياد تي ڪيس انويسٽيگيشن جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي، منصوبي جي لاءِ غير قانوني الاٽمينٽ، چائنا ڪٽنگ ۽ جعلي الاٽمينٽ ڪئي وئي.
ان کان علاوھ نيب ڇاپن جي دوران ھزارين پلاٽن جون فائيلون ۽ شاھديون قبضي ۾ ورتيون ويون.
نيب ذريعن مطابق قبضي ۾ ورتل فائيلن مان 65 سيڪڙو تي جعلي الاٽمينٽ آرڊرز ڏٺا ويا، جعلي آرڊرز تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز لينڊ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر جون صحيحون آھن، 6 شڪي آفيسرن جا نالا بہ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪرايا ويا آھن.
نيب ذريعن جو چوڻ آھي تہ منصوبي جي 20 ايڪڙ زمين فراڊ کان آئوٽ سائيڊز کي وڪرو ڪئي وئي.
لياري ايڪسپريس وي سيٽلمينٽ وفاق ۽ سنڌ جو گڏيل منصوبو ھو جنھن ۾ وفاقي حڪومت 67 سيڪڙو ۽ صوبائي حڪومت 33 سيڪڙو حصو وڌو ھو.
ذريعن مطابق جاچ ٽيم منصوبي ۾ 8 ارب رپين جي بيضابطگين تي ڌار انڪوائري جي سفارش بہ ڪئي آھي.
ياد رھي تہ لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ منصوبو اڍائي لک رھواسين جي ٻيھر آبادڪاري جو منصوبو ھو، سال 2001 کان لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ منصوبو ھلي رھيو آھي.