اختيار ڀٽو: انقلابي جنون کان مئيخاني تائين هڪ دردناڪ سفر

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ اڪثر ڀتين تي گرفتار ڪيل سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ چاڪنگ ٿيل ڏسندا هئاسين. ڏهرڪي ۾ ان دور دوران ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ جي سرگرم اڳواڻ اختيار ڀٽو جي صورت ۾، ڪنهن جيئري جاڳندي انسان جي بدن تي پهريل ڪپڙن (قميص) مٿان ريشمي ڌاڳي سان ڀرٿ ڪيل چاڪنگ مون پهريون ڀيرو ڏٺي هئي.

ننڍپڻ ۾ سياسي ادبي ڪتاب پڙهڻ دوران مولانا سنڌي جي “ريشمي رومال تحريڪ” بابت ٿوري گهڻي شناسائي حاصل ٿي هئي، پر ڪنهن جيئري انسان جي بدن تي پهريل قميص جي ٻنهي پاسن کان “ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي کي آزاد ڪريو” جهڙي منفرد چاڪنگ مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.

مرحوم اختيار ڀٽو ڏهرڪي شهر جي مشهور واپاري ۽ زميندار حاجي محمد حاصل ڀٽو جو فرزند هو. هن شخص جي ڪهڙي نه ڪمينٽمينٽ هئي! سياست ۽ انقلاب سان رومانس واري دور جو ڄڻ ديومالائي ڪردار هو. سڄي حياتي شادي نه ڪيائين.

1983ع ۾، جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي، آئون نائين درجي ۾ پڙهندو هوس. اسان جي محلي ٻاهران روزانو جلوس نڪرندا هئا۔ سياسي ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون ۽ رضاڪاراڻيون گرفتاريون روز جو معمول بڻيل هيون.

ڄام ساقي جو نالو مون پهريون ڀيرو ڪنهن ديوار تي ٿيل چاڪنگ بدران اختيار ڀٽو جي قميص تي ڀرٿ ٿيل ڏٺو. اختيار ڀٽو ڊي ايس ايف جي شاگرد سياست سان لاڳاپيل هو ۽ ان وقت ڄام ساقي پنهنجي ساٿين سميت جيل ۾ قيد هو. اختيار جي بدن تي پهريل هر قميص جي ٻنهي پاسن کان ريشمي ڌاڳي سان “ڄام ساقي کي آزاد ڪريو” لکيل هوندو هو.

جيستائين ڄام ساقي جيل ۾ رهيو، مون اختيار جي هر وڳي تي اهو مطالبو ڏٺو. هو گهڻو ڪري شلوار قميص پائيندو هو، ۽ سندس هر قميص ڄڻ سياسي بينر بڻيل هوندي هئي. مختلف سياسي پارٽين جا ڪارڪن سياسي اڳواڻن جي آزادي لاءِ ڀتين تي چاڪنگ ڪندا هئا، پر اختيار ڀٽو جي احتجاج جو انداز ٻين سڀني کان مختلف ۽ نرالو هوندو هو، هن  پنهنجي لباس کي ئي احتجاج جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو. اهڙو منفرد ۽ نرالو انداز، جيڪو سڀني کان مختلف هو.

جنرل ضياءَ جي سخت مارشل لا واري دور ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ دوران، هي نوجوان پنهنجي پيرسن پيءُ حاجي حاصل ڀٽو ۽ ٻن ڀائرن ڊاڪٽر ظفر ڀٽو ۽ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو سان گڏ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو.

اختيار ڀٽو جي گرفتاري جي حوالي سان تڏھن اهو قصو گهڻو  مشهور ٿيو هو ته جڏھن کيس سينٽرل جيل سکر ۾  سمري ملٽري ڪورٽ جي جج آڏو آڏي پڇا لاءِ پيش  ڪيو ويو ته غير ضروري سوال پڇڻ تي جج سان اٽڪي پيو هو ۽ انهي اٽڪڻ واي جرئت جي ڏوھ جي سزا طور چيو وڃي ٿو ته کيس، سندس  پيءُ ۽ ڀائرن سميت وڌيڪ ڇهن مهينن جي سزا ڀوڳڻي پئي هئي.

1980ع جو ڏهاڪو ڏٺو وڃي ته ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ واري تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ تي جڏهن سوويت يونين ٽٽي پيو، ته سنڌ جا ڪيترائي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن سوڪهڙي ۾ اڏامندڙ پنن وانگر آهستي آهستي وکري ويا.

ڪجهه اخبارن ڏانهن ويا، ڪجهه اين جي اوز ڏانهن، جڏهن ته اختيار ڀٽو جهڙو آدرشي ڪارڪن مئيخاني جو مسافر بڻجي ويو. پنهنجي تعليمي ڪيريئر دوران ڪلاس ۾ پوزيشن کڻندڙ اختيار ڀٽو، هڪ ڀيرو وکريو ته وري سنڀالي نه سگهيو. وڏي ڪٽنب، دوستن ۽ ساٿين باوجود، هو بي وسيءَ ۾ زندگيءَ کان هارائي ويٺو.

سچ پڇو ته اختيار جهڙي ڪارڪن جي بي وقتي موت جا ذميوار اسان سڀ آهيون.

ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ غلام رسول سهتو سميت کاٻي ڌر جي ڪيترن ڪارڪنن لاءِ اختيار ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر ڀٽو جو گهر هڪ مرڪز هوندو هو، جتي راتين جون راتيون سياسي ڪچهريون ٿينديون هيون.

سنڌ قومي اتحاد تائين اختيار کي مون سياسي طور متحرڪ ڏٺو. مظاهرن ۽ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. امر لال، محمد خان سولنگي، سڄڻ ڀٽو (شبير بيدار ڀٽو) ۽ ڪامريڊ مانڌل شر سندس ساٿاري هئا.

ڄام ساقي جڏهن جيل مان آزاد ٿي سکر ضلعي (ان وقت گهوٽڪي ان جو حصو هو) جي دوري تي ايندو هو، ته رات جو اختيار وٽ ترسندو هو. ڪامريڊ غلام رسول سهتو به اتي رهندو هو.

صوفياڻو راڳ اختيار جي ڪمزوري هو. عابده پروين، ڍول فقير، سهراب فقير، سنگهار علي سليم ۽ شفيع فقير جي راڳ تي هو ڍاڍيون ڪري روئي پوندو هو.

06-2005ع ۾ مانڌل شر جي ماڙي تي ڪلاڪن جون ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ڀيري اختيار مون کان سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “ديار دل ۽ داستان محبت” گهريو، جيڪو مون گهر وڃي ڏئي آيس ۽ پوءِ صوفياڻي راڳ جي فرمائش ڪيائين.

منهنجو جڏهن به ڪراچي مان ڏهرڪي وڃڻ ٿيندو هو، ته اختيار سان ملاقات لازمي هوندي هئي. هو هميشه چوندو هو ته صدر جي ڪتاب گهر “ٿامس اينڊ ٿامس” تان فلاڻو ڪتاب آڻجان. سندس آخري فرمائش “If I Am Assassinated” هئي.

زندگي جي آخري سالن ۾ اختيار ملامتي صوفي بڻجي ويو. پنهنجي ٻنيءَ جي ڪنڊ تي مئيخانو اڏي ويهي رهيو.

جڏهن مان پنهنجي ماسات رحمان تاج سان گڏجي پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليل جي شادي جي دعوت ڏيڻ ويو هوس، ته هن جي حالت ڏسي حيران رهجي ويس. ٽٽل کٽ، ڀرسان ٻڌل ڪتو، چهري تي مٽي ۽ عجيب حالت. ملامتي صوفين واري حالت، مون کي ڏسي چيائين: “جيڪڏهن رپورٽر آهين ته واپس وڃ، جيڪڏهن فقير آهين ته اندر اچ!”.

اندر وڃڻ کانپوءِ مانيءَ ۾ مٽي وجهي چيائين: “هاڻي مون سان گڏ کائي سگهين ٿو!”

اهو منظر ڏسي منهنجون اکيون ڀرجي آيون.

اختيار جي حالت مون کي حشو ڪيولراماڻي جي ياد ڏياري هڪ عظيم دانشور، جيڪو آخرڪار مفلسي ۾ گم ٿي ويو.

اڄ به اهڙا ڪيترائي اختيار ۽ حشو سنڌ جي ڪنڊن ۾ گمنامي ۾ جيئرا آهن. سياسي ماٺار انهن کي مئيخانن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪجهه انتهاپسندي ڏانهن به هليا ويا آهن.

سچ اهو آهي ته سياسي لاتعلقي ڪنهن به زنده سماج لاءِ موت جو سگنل آهي.

حشو جهڙن جينئيس ماڻھن ۽ اختيار ڀٽو جهڙن ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪنن کي بي وقتو موت جي منهن مان بچائڻ جو هڪڙوئي طريقو آهي ته سياسي جدوجهد کي ٻيهر جئياريو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں