لائیو ڳڙھي ياسين: گولو دڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او اشاري باوجود گاڏي نھ بيھارڻ تي فائرنگ ۾ پوليس ھٿان مارجي ويو

فہرستِ مضامین

ڳڙھي ياسين ڀرسان حسن جتوئي لکي ٿاڻي جي حد ڦاٽڪ 2 وٽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنھن ۾ گولو دڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ضياءَ الدين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نھ سھندي فوت ٿي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي تھ ايس ايڇ او گولو دڙو علي حسن جتوئي سکر کان ٿاڻي تي واپس اچي رھيو ھو تھ لکي ڦاتڪ وٽ ڪجھھ ماڻھن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نھ بيھڻ تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو.

ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ لکي پوليس کي اطلاع مليو تھ شڪي ڪار ۾ ھٿياربند آھن جنھن تي لکي پوليس پاران جھازن خان پوليس کان مدد ورتي جتي آءِ سي جھان خان جاويد بلال پاران ڦاٽڪ 2 وٽ ناڪھ بندي ڪئي آءِ سي جھان خان جاويد بلالي پاران ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪار نھ بيھڻ تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او گولو دڙو علي حسن جتوئي زخمي ٿي پيو ھو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نھ سھندي شھيد ٿي ويو.

هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں