پاڪستاني اداڪارھ نمرھ خان پنھنجي ٻي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنھن کانپوءِ مداحن طرفان مبارڪباد جو سلسلو جاري آھي.
نمرھ خان جي انسٽاگرام تي لکين فالوورز آھن، ھن پنھنجي شادي جي خبر سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام جي ذريعي شيئر ڪئي آھي.
اداڪارھ پيرس ۾ ٿيندڙ پنھنجي شادي جي ھڪ تصوير پوسٽ ڪئي آھي، جنھن ۾ ھو گلابي لباس ۾ نظر اچي رھي آھي جڏھن تھ سندس مڙس سوٽ ۾ نظر آيو جڏھن تھ ھو پنھنجي مڙس جو چھرو ظاھر نھ ڪيو آھي.
اداڪارھ ايفل ٽاور سامھون ورتل تصوير سان ھڪ خوبصورت ڪيپشن بھ شيئر ڪيو آھي جنھن ۾ ھن لکيو آھي تھ ھيءَ ڪھاڻي رب پاڪ اسان جي ملاقات کان تمام پھريان لکي ڇڏي ھئي، اڄ ان جو آغاز آھي ۽ گھڻو ڪجھھ اڃا باقي آھي، ھي ھڪ خوبصورت شروعات آھي جيڪا رب پاڪ جي برڪت سان ٿي آھي.
واضح رھي تھ نمرھ خان جي ھيءَ ٻي شادي آھي، ان کان اڳ ھن 2020ع ۾ راجھ افتخار سان شادي ڪئي ھئي، جڏھن تھ رشتو ڪجھھ مھينن بعد ختم ٿي ويو ھو.