وڏي وزير مراد علي شاھ معافي ڇو ورتي؟ بي آر ٽي پويان لڪل ڪهاڻي ؟

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي هڪ اهڙو شهر، جنهن کي ملڪ جي معاشي حب سڏيو وڃي ٿو. جتي چوندا آهن ته ھڪڙو اهڙو به دور هو جو ڪراچي جي روڊن تي عرقِ گلاب ڇڙڪيو ويندو هو اڄ ساڳيو شهر ٽٽل رستن، اڌورن منصوبن ۽ بي قابو ٽريفڪ جي اذيت هيٺ ساهه کڻي رهيو آهي.

هي رڳو انفراسٽرڪچر جي خرابي ناهي، پر هڪ اهڙي ناڪاميءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ڏهاڪن تي پکڙيل آهي. فيصلن جي، لاپرواهي جي ۽ اختيارن جي ويڙهه جي ۽ هاڻي، جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پاڻ بس ريپڊ ٽرانزٽ منصوبن ۾ دير تي عوام کان معافي ورتي آهي تڏهن هڪ نئون سوال وڌيڪ زور سان اڀري آيو آهي.

آخر ڪراچي کي هن حال تائين ڪنهن آندو؟ ذميوار ڪير آهي حڪومت، ادارا، يا اسان جو نظام؟

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بابت چيو وڃي ٿو ته بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) جو خاص ڪري ڪراچي يونيورسٽي وارو حصو سندس ذاتي خواهش تي منظور ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب سنڌ ڪابينا جي ڪجهه وزيرن ۽ شهري ترقي جي ماهر انجنيئرن هن منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي، پر ان باوجود ان کي اڳتي وڌايو ويو. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اهو منصوبو ان وقت منظور ڪيو ويو جڏهن جيل چورنگي کان صفورا چورنگي تائين ڪراچي يونيورسٽي روڊ اربين رپين جي لاڳت سان تازو ئي تعمير ٿيو هو.

بي آر ٽي جي منظوري بعد اهو ٺهيل روڊ ٻيهر اکيڙيو ويو، جنهن تي الڳ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا. پر افسوس، روڊ جي اها اکيڙ اڄ تائين مڪمل تعمير ۾ تبديل نه ٿي سگهي آهي.

اڄ اهو ئي مصروف ترين رستو ٽٽل حالت ۾ بيٺل آھي، هنڌان هنڌان کوٽيل، کڏن ۽ کاهين سان ڀريل، ۽ مٽي جي اٿندڙ ڌوڙ سان ڍڪيل، اربين رپين جي خرچ باوجود هي اهم شاهراهه ترقي بدران تباهي جي علامت بڻجي چڪي آهي.

 هن اهم شاھراھ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڊيوز ۽ پوسٽون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن ۽ جڏھن اهي وائرل ٿين ٿيون ته ٻيهر سوال اٿڻ شروع ٿين ٿا ۽ انهن سڀني سان گڏ هڪ تاثر به تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ته ڇا دبئي ٺاهڻ لاءِ ڪراچي کي ڄاڻي واڻي تباھ ڪيو ويو؟ ڇا واقعي دبئي جي ترقي پويان ڪراچي جي پٺتي پئجي وڃڻ جي ڪا ڳجهي ڪهاڻي آهي؟ يا هي رڳو سوشل ميڊيا جو ٺاهيل بيانيو آهي؟.

 اصل سوال هتي اڀري ٿو:

ڪراچي جي بي آر ٽي منصوبن سميت ٻين ترقياتي منصوبن ۾ دير جو اصل ڪارڻ ڇا آهي؟ ڇا اها نااهلي آهي؟، يا فنڊن جي کوٽ؟، يا وري ادارن جي ٽڪراءَ، سياسي ڇڪتاڻ ۽ ناقص پلاننگ جو نتيجو آهي؟.

 هن ايڪسپلينر ۾ اسان انگن اکرن، دستاويزن ۽ حقيقتن جي بنياد تي

اصل ڪهاڻي تان پردو کڻنداسين ۽ اهو ڏسنداسين ته ڪراچي سان واقعي ڇا ٿي رهيو آهي.

 ڪراچي جا وڏا ٽرانسپورٽ پراجيڪٽ:

 1. گرين لائين بس ريپڊ ٽرانسپورٽ رٿا هي وفاقي حڪومت جو منصوبو آهي جنهن جي منظوري نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ ڏني وئي.

 2014 ۾ ايڪنڪ  هن منصوبي جي منظوري ڏني . هن منصوبي جي شروعاتي لاڳت: 16 ارب رپيا ٻڌائي وئي هئي جيڪا وقت سان گڏ  وڌي اٽڪل 25 ارب رپين تائين  وڃي پهتي.  2016 ۾ هن منصوبي جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ اهو 2021 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي . هن منصوبي جي تڪميل تائين خبر ناهي ڪيترا ارب رپيا وڌيڪ خچ ڪرڻا پوندا.

جيتوڻيڪ هن اڌوري منصوبي تي ٽرانسپورٽ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ نمائش چورنگي کان اڳتي وارو حصو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. 2016ع ۾ شروع ٿيل هي منصوبو، لڳ ڀڳ ڏهه سال گذرڻ باوجود، اڃا تائين پنهنجي مڪمل شڪل اختيار نه ڪري سگهيو آهي جيڪو منصوبي جي رفتار ۽ انتظامي ڪارڪردگي بابت سنجيده سوال اٿاري ٿو.

 2. ييلو لائين BRT (سڀ کان وڏو اسڪينڊل) .2019 ۾ هن منصوبي جي منظوري ڏني وئي. شروعاتي لاڳت: 61 ارب رپيا ٻڌائي وئي هئي نئين لاڳت 191 سيڪڙو واڌ سان اٽڪل 179 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي.  اڃا به دير ٿيڻ سان مجموعي لاڳت ۾ اضافي جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي.

هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ پهريان 2025 رکي وئي هئي. هاڻي هن منصوبي جي تڪميل جي مدي کي وڌائي 2028ع تائين ڪيو ويو آهي، جنهن سان نه رڳو وقت پر لاڳت بابت به نوان سوال اڀري آيا آهن.

ذريعن موجب منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ جا اهم سبب سامهون آيا آهن، منصوبي ۾ لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي دير، بار بار ٿيندڙ ڊيزائن ۾ تبديليون، ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مهانگائي، سڀني گڏجي خرچن کي غير معمولي حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي.  نتيجي طور هي منصوبو هاڻي پاڪستان جي سڀ کان مهانگي BRT اسڪيم طور سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو رٿابندي، انتظام ۽ عملداري بابت ڪيترن ئي سنجيده سوالن کي جنم ڏئي ٿو.

اورينج لائين بي آر ٽي منصوبي جو آغاز 2016ع ۾ ڪيو ويو، جڏهن ته ان جي تڪميل 2022ع ۾ ٿيڻي هئي يعني لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي عرصو اندر اهو منصوبو مڪمل ڪرڻو هو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته صرف چار ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن ننڍڙي منصوبي کي به مقرر وقت اندر مڪمل نه ڪيو ويو ۽ گذريل 10 سالن کان هي منصوبو به ٻين منصوبن جيان رولڙي جو شڪار آهي.  نتيجي طور هي مثال ظاهر ڪري ٿو ته ننڍي پيماني وارا پراجيڪٽ به وقت سر مڪمل نه ٿيڻ، منصوبابندي ۽ عملداري ۾ موجود ڪمزورين کي وائکو ڪن ٿا.

ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو، جيڪو ڪراچي جي اهم ترين شاهراهه يونيورسٽي روڊ سان لاڳاپيل آهي، اڃا تائين تعمير هيٺ آهي ۽ مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.

هن منصوبي دوران ڪيترن ئي مسئلن جنم ورتو، جن ۾ بار بار ٿيندڙ ڊيزائن ۾ تبديليون ۽ روڊ جي بار بار جي کوٽائي ۽ ڀڃ ڊاھ شامل آهي، جنهن سبب نه صرف ڪم جي رفتار متاثر ٿي پر شهرين کي به شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.

هاڻي منصوبي جو ڪجهه حصو FWO (فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن) حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ به سوال برقرار آهي ته ڇا هاڻي ڪم تيزي سان مڪمل ٿي سگهندو؟ نتيجي طور ڪراچي جو هي سڀ کان اهم روڊ، جيڪو روزانو هزارين گاڏين جي آمدورفت لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو، سالن کان تباهه حالت ۾ آهي ۽ شهري سالن کان  مسلسل اذيت ڀوڳي رهيا آهن.

ڪراچي سرڪيولر ريلوي (KCR)  سڀ کان وڏو ناڪام منصوبو:

ڪراچي سرڪيولر ريلوي جو پراڻو نظام 1969ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو وقت سان گڏ زوال جو شڪار ٿي ويو. بعد ۾ ان کي جديد بڻائڻ لاءِ نئون منصوبو متعارف ڪرايو ويو، جنهن جي هڪ اندازي موجب  لاڳت لڳ ڀڳ 294 ارب رپيا ٻڌائي وئي، جڏهن ته روزانو پنج لک مسافرن کي سفري سهولت ڏيڻ جو هدف رکيو ويو.

سرڪاري طور تي هن منصوبي جي تعمير 2022ع ۾ شروع ٿيڻ ۽ 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر عملي طور تي ڪم جي رفتار انتهائي سست آهي ۽ زميني حقيقتون مختلف تصوير پيش ڪن ٿيون.

حقيقت اها آهي ته گذريل ويهن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران هي منصوبو “فزيبلٽي، پلاننگ ۽ اعلانن” تائين محدود رهيو آهي، جڏهن ته عملي سطح تي ڪا به وڏي اڳڀرائي نظر نٿي اچي.

 اهم سوال اهو اڀري ٿو:

آخر ڪيترا ارب رپيا رڳو فزيبلٽي ۽ پلاننگ جي نالي تي خرچ ڪيا ويا؟ جيتوڻيڪ صحيح سرڪاري انگ اکر سامهون ناهن آيا، پر JICA، ورلڊ بئنڪ، PC-I ۽ مختلف اسٽڊيز تي اربين رپين جي خرچ ٿيڻ جا اشارا ملن ٿا.

هنن سمورن منصوبن جو مجموعي  طور تي سادو جائزو ٺڻ سان جيڪي ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچن ٿا , اهي سموري ناقص ڪارڪردگي جو پردو چاڪ ڪن ٿا. انگن اکرن موجب  گرين لائين مبصوبي جي شروعاتي لاڳت 16 ارب رپيا ۽  هاڻوڪي لاڳت 40 ارب رپين  کان وڌيڪ، ييلو لائين شروعاتي لاڳت61 ارب رپيا ۽ هاڻوڪي لاڳت  178 ارب رپيا،  اورينج لائين جي لاڳت ۾ به غير معمولي اضافو، ريڊ لائين منصوبي جي لاڳت به غير معمولي حد تائين  وڌندڙ ڏيکاري وئي آهي.

 انهن مسئلن جي پاڙ ڪٿي آهي؟

1. ادارتي ٽڪراءُ:

وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اختلافن سان گڏ سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ SIDCL، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن KMC، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي SMTA جهڙا ادارا الڳ الڳ ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن سان هم آهنگي جو فقدان پيدا ٿيو آهي.

2. سياسي ڪريڊٽ جي جنگ:

هر نئين حڪومت پراجيڪٽ کي پنهنجي نالي سان ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جنهن سان تسلسل ٽٽي وڃي ٿو.

3. ڪرپشن ۽ اوور ڊيزائن:

منصوبن جي لاڳت اڪثر ڪري اصل اندازي کان ٻه کان ٽي ڀيرا وڌي وڃي ٿي، جنهن تي شفافيت بابت سوال اڀرن ٿا.

4. پلاننگ جي ناڪامي:

پهريان روڊ ٺاهي ۽  پوءِ وري ٽوڙيا وڃن ٿا، جڏهن ته يوٽيلٽي شفٽنگ به صحيح طريقي سان نٿي ٿي سگهي جنهن سان وقت ۽ پئسو ٻئي ضايع ٿين ٿا.

5. فنڊنگ جا مسئلا:

ورلڊ بئنڪ، CPEC ۽ وفاقي ذريعن کان فنڊن  جي سست رليز به منصوبن جي رفتار کي متاثر ڪري ٿي.

نتيجي طور ڪراچي جا اهم ٽرانسپورٽ منصوبا، جيڪي شهر جي زندگين کي آسان بڻائڻا هئا، پاڻ هڪ ڊگهي، مهانگي ۽ غير يقيني ڪهاڻي بڻجي چڪا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں