پاڪستان ۾ ھيپاٽائٽس سي جي ڦھلاءَ ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو رڪارڊ ٿيو آھي.
صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق پاڪستان، ڀارت ۽ چين گڏجي عالمي ھيپاٽائٽس جو 39 سيڪڙو بار رکن ٿا، پاڪستان انھن 10 ملڪن ۾ شامل آھي جتي ھيپاٽائيٽس سي سان 58 موت رپورٽ ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ سڄي دنيا ۾ 2024 ۾ ھيپاٽائٽس بي ۽ سي سان 13 لک 40 ھزار موت ٿيا، ھيپاٽائٽس بي ۽ سي دنيا جي موتمار بيمارين ۾ شامل آھي.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آھي تھ 2024 ۾ سڄي دنيا ۾ 18 لک نوان ھيپاٽائٽس ڪيس سامھون آيا، ھيپاٽائٽس سي جي صرف 20 سيڪڙو مريضن کي علاج ميسر اچي سگھيو، ھيپاٽائيٽس بي جا 5 سيڪڙو کان بھ گھٽ مريض علاج حاصل ڪري رھيا آھن.
رپورٽ مطابق غير محفوظ طبي طريقيڪار ۽ انجيڪشنز بيماري ڦھلاءُ جا وڏا سبب آھن، پاڪستان ۾ غير محفوظ انجيڪشنز ۽ سرنجز جي ٻيھر استعمال تي ڳڻتي آھي، جعلي آٽو ڊس ايبل سرنجز سان تحفظ جو غلط تاثر پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي.
صحت جي عالمي اداري چيو آھي تھ ھيپاٽائٽس بي ويڪسين 95 سيڪڙو کان وڌيڪ تحفظ فراھم ڪندي آھي، ھيپاٽائيٽس سي 8 کان 12 ھفتن ۾ قابل علاج آھي، 2030ع تائين ان مرض جي خاتمي جا ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ناڪافي آھي.