لائیو پي ايس ايل: پھرين ايليمينيٽر مئچ ۾ اڄ حيدرآباد ۽ ملتان آمھون سامھون

فہرستِ مضامین

لاھور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11ھين ايڊيشن جو ايليمينيٽر مرحلو اڄ شروع ٿيندو.

لاھور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پھرين ايليمينيٽر مئچ ۾ حيدرآباد ڪنگز ۾ ۽ ملتان سلطانز ۾ اڄ شام 7 وڳي مقابلو ٿيندو، ھارائيندڙ ٽيم ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويندي.

کٽندڙ ٽيم ٻئي ايليمينيٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو مقابلو ڪندي.

ياد رھي تھ گذريل ڏينھن پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 70 رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں