اداڪارھ رمشا خان جي شادي کانپوءِ ايڪٽنگ ڪيريئر تان بريڪ وٺڻ جي پراڻي ويڊيو وائرل ٿي وئي.
رمشا خان تازو ئي اداڪار خوشحال خان سان شادي ڪئي آھي جنھن جون تصويرون بھ جوڙي طرفان پنھنجي مداحن سان انسٽاگرام تي شيئر ڪيون.
ان کان اڳ ٻنھي اداڪارن جي نڪاح جون تصويرون بھ سامھون آيون ھيون، نڪاح خانگي تقريب ۾ ڪيو ويو ھو جنھن جون تصويرون وائرل ٿيڻ تي رمشا خان طرفان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو ھو.
جڏھن تھ ھاڻ سوشل ميڊيا تي رمشا خان جو ھڪ پراڻو ويڊيو ڪلپ وائرل ٿي رھيو آھي جنھن ۾ اداڪارھ پنھنجي ڪيريئر ۽ شادي جي حوالي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.
انٽرويو ۾ اداڪارھ چيو تھ ڪيتريون ئي اھڙيون ڇوڪريون آھن جيڪي ڪم نٿيون ڪرڻ چاھين، اھي پنھنجي گھر ٺاھڻ چاھين ٿيون، ھڪ ھائوس وائف بھ فل ٽائيم جاب آھي.
ھن اداڪارھ عائزھ خان ۽ حرا ماني جي تعريف ڪندي چيو تھ اھڙيون بھ اداڪارائون آھن جيڪي گھر سان گڏ پنھنجا ٻار بھ سنڀالي رھيون آھن ٻار سندن ھٿ سان ٺھيل کاڌو کائن ٿا جڏھن مان انھن کي ڏسندي آھيان تھ چوندي آھيان رب پاڪ ماني شادي ڪنديس تھ شايد گھر بھ ويھندس، اسان کان اھو سڀڪجھھ نھ ٿي سگھندو.
اداڪارھ وڌيڪ چيو تھ مان شادي کان پوءِ ايڪٽنگ نھ ڪري سگھندس، منھنجو مسئلو اھو آھي تھ مان ھڪ وقت ۾ ھڪ ڪم ئي ڪري سگھان ٿي جيڪڏھن مان شوٽنگ تي آھيان تھ گھر جا مسئلا نٿي ڏسي سگھان ۽ مان روئي پوندي آھيان، مون سان ائين ٿي چڪو آھي.