لاھور: پاور ڊويزن جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ پيڪ ٽائيم ۾ بجلي جي فراھمي ۾ بھتري اچي وئي آھي.
ترجمان موجب گذريل رات پيڪ ٽائيم ۾ بجلي جي فراھمي بھتر رھي، پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمن مان وڌيڪ پاڻي خارج ٿيڻ سان 5125 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي.
ملڪ جي ڏکڻ کان سينٽر ۾ 400 ميگاواٽ گرڊ ۾ استحڪام سبب ڊيليوري جاري رھي، بجلي جي ورھاست ڪندڙ ڪمپنين بجلي سپلاءِ سبب ھڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي.
ترجمان جو چوڻ آھي تھ ايل اين جي جي دستيابي سان پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمينٽ بھ ختم ٿي ويندي، ايل اين جي جي اڻھوند سبب 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس مان بجلي پيدا نھ ٿي رھي آھي.
ٻئي طرف ليسڪو جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ ليسڪو ريجن ۾ بجلي جي گھرج 2421 جڏھن تھ سپلاءِ 2550 ميگاواٽ آھي، بھتر سپلاءِ سبب گھرج ۽ رسد ۾ ڪو بھ شارٽ فال ناھي.
ليسڪو ترجمان موجب بھتر ب جلي سپلاءِ سبب ھڪ ڪلاڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي وئي، ڏينھن جي وقت ۾ لوڊ مئنجمينٽ صرف لائن لاسز وارن فيڊرز تائين محدود آھي، لوڊ مئنجمينٽ جو مقصد نظام کي مستحڪم رکڻ ۽ سپلاءِ توڙي ڊمانڊ ۾ توازن قائم رکڻ آھي.