ٽرمپ ڳالھين جي ميز کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ تبديل ڪرڻ چاھي ٿو: باقر قاليباف

فہرستِ مضامین

تھران: ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف واضح ڪيو آھي تھ اسان کي ڌمڪين سان گڏ ڳالھيون ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ناھن.

سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو تھ ٽرمپ ڳالھين جي ميز کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ميز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو تھ آبنائي ھرمز جي ناڪھ بندي ۽ جنگبندي جي خلاف ورزي ڪري صدر ٽرمپ پاڻ فريب جو شڪار آھي ۽ سمجھي ٿو تھ ھو ڳالھين جي ميز کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ميز ۾ تبديل ڪري وٺندو يا نئين جنگ جي شروعات پيدا ڪري وٺندو.

قاليباف واضح ڪيو تھ ڳالھين جي ميز تي دٻاءُ سان نتيجا نٿا ملن، ايران ڌمڪين سان گڏ ڳالھين جي پيشڪش قبول نٿو ڪري، گذريل ٻن ھفتن دوران ايران جنگ جي ميدان ۾ نوان پتا ڏيکارڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ورتو آھي.

ھوڏانھن ايران جي پرڏيھي معاملن واري نائب وزير سعيد خطيب زادي انٽرويو ۾ چيو تھ آمريڪا وٽ ان کانسواءِ ڪو بھ رستو ناھي تھ ھو حد کان وڌيڪ ڪيل مطالبن تان ھٿ کڻي وڃي ۽ ايران عوام جي حقن جو مڪمل احترام ڪري.

ھن چيو تھ آمريڪا جنگ ڪري ڏسي چڪو ۽ ممڪن آھي تھ ھو جنگ جي رستي تي رھي ڪجھھ حاصل ڪرڻ جي سوچ ۾ ھجي پر ان بحران جو واحد حل سفارتڪاري آھي.

ايراني پرڏيھي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو تھ ايران سان ڳالھين ۾ آمريڪا سنجيدھ ناھي ۽ خبردار ڪيو تھ ماضي جون غلطيون ٻيھر ڪيون ويون تھ ايران فيصلائتي ڪارروائي ڪندو، آمريڪي تجويزون غير سنجيدھ ۽ مطالبا غير حقيقي آھن، ايران مان جوھري مواد جي ٻئي ملڪ منتقلي ڪڏھن بھ ڳالھين جو حصو نھ رھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں