230 ملي ميٽر برسات کانپوءِ ٻيهر تيز وسڪارو، ڇا راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي؟

فہرستِ مضامین

راولپنڊي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات کانپوءِ انتظاميا هاءِ الرٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري سمورن لاڳاپيل ادارن کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نالن ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ عملو ۽ ڳري مشينري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن جي شديد برسات دوران پاڻي گهرن ۽ روڊن ۾ داخل ٿيڻ ۽ گاڏين جي ٻڏڻ کانپوءِ انتظاميا وڌيڪ احتياطي اپاءَ کڻي رهي آهي.

مختلف علائقن ۾ تيز برسات رڪارڊ

راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب سيدپور ۽ پي ايم ڊي ۾ 43، گولڙا ۾ 5، نيو ڪٽاريان ۾ 12، پيرودھائي ۾ 4 ۽ شمس آباد ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

تيز برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا پاران لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي، ادارا هاءِ الرٽ

ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ رين ايمرجنسي نافذ آهي.

انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نشيبي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي ۽ مشينري کي تيار رکيو وڃي.

نالاهه لئي ۾ پاڻي جي وهڪري جي نگراني

واسا اختيارين موجب نالاهه لئي ۾ پاڻي جي وهڪري کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪٽاريان وٽ پاڻي جو وهڪرو 5 فوٽ، جڏهن ته گوالمنڊي وٽ 3 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ھيٺاھين وارن علائقن ۾ واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو عملو ڳري مشينري سان گڏ موجود آهي، ته جيئن برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ ڪنهن به رڪاوٽ کي فوري طور ختم ڪري سگهجي.

گذريل ڏينهن 230 ملي ميٽر برسات، روڊ نالا بڻجي ويا هئا

ياد رهي ته اڱاري ڏينهن به راولپنڊي ۾ شديد برسات ٿي هئي، جنهن دوران 230 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

تيز برسات سبب شهر جون ڪيتريون ئي گهٽيون ۽ روڊ پاڻي سان ڀرجي نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا هئا، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين جي ٻڏڻ جا واقعا پڻ سامهون آيا.

ھيٺاھين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو هو، جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 2 ڄڻا فوت

شديد برسات دوران پيش آيل مختلف واقعن ۾ راولپنڊي ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ ۽ اسلام آباد ۾ ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

برسات جي نئين سلسلي سبب انتظاميا شهرين کي پڻ احتياط ڪرڻ ۽ نشيبي علائقن، نالن ۽ پاڻي جي تيز وهڪري وارن هنڌن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي صورت ۾ ھيٺاھين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو برقرار رهڻ جو خدشو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي انتظاميا ۽ امدادي ادارا هاءِ الرٽ تي آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں