اسلام آباد: پيٽرول جي ڊيوٽي کان پھريان ايڪس ريفائنري قيمت 246 رپيا 31 پئسا جڏھن تھ ٽيڪسز ۽ مارجنز شامل ڪرڻ بعد شھرين تائين پھچندي پھچندي في ليٽر جي قيمت 399 رپيا 86 پئسا ٿي ويندي آھي.
حڪومتي ذريعن مطابق في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 23 رپيا 72 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 7 رپيا 32 پئسا ان لينڊ فريٽ مارجن شامل آھي.
اھڙي طرح ھڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن 7 رپيا 87 پئسا ۽ 8 رپيا 64 پئسا پمپ ڊيلرز جي ڪميشن شامل آھي.
ذريعن مطابق ھڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 103 رپيا 50 پئسن جي پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسن جي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آھي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آھي تھ پيٽرول جي ڊيوٽي کان پھريان اڪيس ريفائنري قيمت 246 رپيا 31 پئسا آھي جڏھن تھ ٽيڪسز ۽ مارجنز شامل ڪرڻ بعد شھرين تائين پھچندي پھچندي في ليٽر پيٽرول جي قيمت 399 رپيا 86 پئسا ٿي ويندي آھي.
ٻئي طرف ھڪ ليٽر پيٽرول تي 153 رپيا 55 پئسا جڏھن تھ ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ھڪ ليٽر تي 116 رپيا 46 پئسا ٽيڪسز ۽ مارجنز توڙي نفعي جي وصولي جو انڪشاف ٿيو آھي.
ھڪ ليٽر پيٽرول جي اصل قيمت 246 رپيا 31 پئسا ۽ عوام لاءِ قيمت 399 رپيا 86 پئسا آھي جڏھن تھ ھاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اصل قيمت 283 رپيا 12 پئسا ۽ شھرين لاءِ قيمت 399 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر آھي.