ارجنٽينا ورلڊ ڪپ جي ٽائيٽل جي بچاءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، ۽ ان کي ان جي واقعي ضرورت به پئي آهي.
آفريقي ملڪ ڪيپ ورڊي ۽ مصر خلاف آسان ڪاميابي جي اميد باوجود، ارجنٽينا ٻنهي ميچن ۾ سنسني خيز مقابلي کانپوءِ 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن سان ڏکيائيءَ سان فتح حاصل ڪئي.
پر مصر خلاف ڪاميابي تڪرار جو سبب بڻجي وئي، ڇاڪاڻ ته مصر فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته هن ميچ جا ريفريز ٽورنامينٽ مان خارج ڪيا وڃن.
مصر فيفا تي ارجنٽينا جي حق ۾ جانبداري ۽ ان جي اسٽار رانديگر ليونل ميسي سان خاص رعايت ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.
ميچ کانپوءِ ڪوچ حسام حسن چيو ته مصر سان ناانصافي ٿي آهي ۽ سندن ٽيم ”ظلم“ برداشت ڪيو آهي.
حسام حسن فيفا تي جانبداري جو الزام هڻندي چيو ته ”شايد فيفا چاهي ٿي ته عالمي چيمپيئن ارجنٽينا مقابلي ۾ برقرار رهي ۽ ميسي به ورلڊ ڪپ مان ٻاهر نه ٿئي.“
بي بي سي اسپورٽ هن سازشي نظرئي جو جائزو ورتو آهي ته ڇا واقعي سڀ ڪجهه ارجنٽينا جي ڪاميابي لاءِ ترتيب ڏنو پيو وڃي؟