ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ جي سامونڊي معيشت ۽ بندرگاهي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيٽي بندر کي جديد بندرگاهه ۽ ملڪ جي اضافي سامونڊي گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ تي ڌيان وڌايو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري ڪيٽي بندر جي ترقي لاءِ مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ منصوبي سان لاڳاپيل سمورين بنيادي سهولتن کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ هدايت ڪئي ته ڪيٽي بندر منصوبي سان گڏ قابلِ اعتماد روڊ رابطي، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي، صنعتي ڍانچي ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي وڃي.
صدر چيو ته ڪيٽي بندر کي پاڪستان جي اضافي ميري ٽائيم گيٽ وي طور ترقي ڏئي ملڪ جي بندرگاهي ۽ لاجسٽڪ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو.
هن انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي تحفظ کي به اهميت ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته ترقياتي منصوبن دوران علائقي جي ماحول ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
صدر آصف زرداري خاص طور تي مقامي مهاڻن جي مفادن ۽ روزگار کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ته جيئن ڪيٽي بندر جي ترقي سان مقامي آبادي پڻ فائدو حاصل ڪري سگهي.
واضح رهي ته چيني ڪمپني CHEC طرفان ڪيٽي بندر پورٽ جو تصوراتي ماسٽر پلان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي پهرين مرحلي جي ابتدائي انجنيئرنگ لاڳت لڳ ڀڳ 522.34 ملين ڊالر ٻڌائي وئي آهي.
ڪيٽي بندر جي ترقي کي سامونڊي واپار، بندرگاهي سهولتن، لاجسٽڪس ۽ علائقائي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم منصوبو قرار ڏنو پيو وڃي.