ڪينسر سان جهيڙيندڙ مريض جي درد ڪٿا

فہرستِ مضامین

تحرير- انجنيئر غلام سرور ميمڻ

ڪينسر سان جهيڙيندي اڄ خير سان منهنجي زندگيءَ جو پنجون سال شروع ٿيو آهي، وقت ڪيڏو نہ عجيب آهي — ڪڏهن زخمن تي مٽي وجهي ڇڏيندو آهي، ته ڪڏهن ساڳين زخمن کي وري تازو ڪري ڇڏيندو آهي۔ پنجن سالن کان ماني نه کاڌي اٿم۔ هاڻي ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماني کائڻ جو احساس ئي وسري ويو هجيم۔ زبان ذائقن کان خالي ٿي وئي آهي، پر روح اڃا تائين دردن جا سڀ ذائقا سڃاڻي ٿو.

ڪڏهن ڪڏهن رات جي آخري پهر ۾، جڏهن سڄي دنيا ننڊ جي خاموش قبرستان ۾ دفن ٿي ويندي آهي، تڏهن منهنجي دل ۾ عجيب خيال جنم وٺندا آهن، ايئن لڳندو آهي ڄڻ دنيا جا سڀ رنگ ڪنهن اڻڄاتل هٿ اچي ڌوئي ڇڏيا هجن، ماڻهو هلن ٿا، کلن ٿا، ڳالهائن ٿا، پر مون کي سڀ ڪجهه بي رنگ، بي آواز ۽ بي روح محسوس ٿيندو آهي۔

۽ پوءِ اوچتو، ساڳي اندر جي دنيا ۾، هڪ ٻي ڪائنات جا در کلي پوندا آهن، ايتري خوبصورت، ايتري گهري، جو لفظ به ان جي تعريف ڪرڻ کان لاچار ٿي پوندا آهن۔، مان مسلسل پاڻ کي ڪم ۾ مصروف رکندو آهيان، شايد ان لاءِ نه ته مون کي ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، پر ان لاءِ ته مون کي ڪجهه وسارڻو آهي۔

مان ماڻهن ۾ ويهي به اڪيلو رھندو آهيان۔ منهنجي چهري تي مرڪ هوندي آهي، پر ان مرڪ جي پويان هڪ اهڙو سمنڊ هوندو آهي، جنهن جون لهرون هر گهڙي خاموشيءَ سان منهنجي اندر کي ٽوڙينديون رهنديون آهن، ڪينسر رڳو جسم کي نه کائيندو آهي،اهو آهستي آهستي انسان جي خواهشن، عادتن، خوابن ۽ يقينن کي به کائي ويندو آهي، پر هڪ ڳالهه مون هن بيماريءَ مان سکي آهي ،  زندگي اصل ۾ ساهن جو نالو ناهي، زندگي اُهو حوصلو آهي جيڪو ٽٽڻ باوجود جيئڻ سيکاري، ڪڏهن مان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ۽ آسمان ڏانهن نهاريندو آهيان، مون کي لڳندو آهي آسمان به مون جهڙو آهي ، ٻاهران خاموش، اندر هزارين طوفان کڻي ويٺل، چنڊ کي ڏسندي ڪڏهن سوچيندو آهيان ته شايد درد به چنڊ وانگر هوندو آهي، پورو ڪڏهن به ڪنهن کي نظر نه ايندو آهي۔

منهنجي اندر هاڻي خواهشن جا وڏا ميلا ناهن لڳندا، هاڻي صرف ننڍڙيون دعائون بچيون آهن، هڪ سڪون ڀري ننڊ،ڪنهن پنهنجو چئي سڏڻ وارو آواز،۽ هڪ اهڙو ڏينھن جنهن ۾ درد ٿورو گهٽ هجي، پر پوءِ به، مان هر صبح اٿي پنهنجي ٽٽل وجود کي گڏ ڪندو آهيان، مرڪ کي چهري تي رکي،  زندگيءَ سان هٿ ملائي وري هلڻ لڳندو آهيان۔

ڇو ته شايد بهادري جو مطلب جنگ کٽڻ ناهي، پر زخمي ٿيڻ باوجود ميدان نه ڇڏڻ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مان هن دنيا مان هليو ويس، ته منهنجي لاءِ نه روئجو، بس ايترو ياد رکجو هڪ ماڻهو هو،جيڪو اندر مان مڪمل ٽٽل هئڻ باوجود ٻين لاءِ هميشه مضبوط بڻجي جيئندو رهيو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں