ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا منيشا ڪوئرالا پنهنجي ڪينسر جي پراڻي تجربي کي ياد ڪندي چيو آهي ته ڪينسر دوران هن کي اهڙو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هوءَ مرڻ واري هجي. اداڪارا ان دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي خوفناڪ ۽ اڪيلائي وارو وقت قرار ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب منيشا ڪوئرالا کي 2012ع ۾ اووريئن ڪينسر جي چوٿين اسٽيج جي تشخيص ٿي هئي، جنهن کانپوءِ هن آمريڪا ۾ علاج ڪرايو.
علاج دوران منيشا جي سرجري سان گڏ ڪيموٿراپي پڻ ڪئي وئي ۽ سندس آخري ڪيموٿراپي سيشن اپريل 2013ع ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس ڪينسر فري قرار ڏنو.
اها رات منهنجي لاءِ سڀ کان ڊگهي هئي
تازي انٽرويو دوران ماضي کي ياد ڪندي منيشا ڪوئرالا چيو ته جڏهن هوءَ اسپتال ۾ هئي ۽ کيس خبر پئي ته کيس ڪينسر آهي، ته اها رات سندس زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ اڪيلائي ۽ ڊگهي رات هئي.
اداڪارا چيو ته ان وقت کيس بار بار اهو احساس ٿيندو هو ته هوءَ مرڻ واري آهي. سندس چوڻ هو ته ڪينسر دوران هن کي اندازو ٿيو ته هڪ مريض اندروني طور ڪيتري اڪيلائي محسوس ڪري سگهي ٿو.
منيشا ڪوئرالا موجب ڪينسر جو اهو دور انتهائي هولناڪ ۽ خوفناڪ هو، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ آسان ناهي.
صحت کي نظرانداز ڪرڻ تي افسوس
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، پر ان دوران پنهنجي صحت تي گهربل ڌيان نه ڏنو.
منيشا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس زندگي ۾ ٻيهر موقعو ملي ته هوءَ پنهنجي صحت کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي.
منيشا ڪوئرالا هاڻي ڪينسر کان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي ۽ صحت بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي فني سفر کي پڻ جاري رکيو پئي اچي.