ڪراچي(بيورورپورٽ) چوماسي جي برساتن کان اڳ شهري ٻوڏ جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) شهر جي وڏن ۽ ننڍن برساتي نالن جي صفائي جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مختلف نالن جو دورو ڪري صفائي ۽ گاد ڪڍڻ واري ڪم جو جائزو ورتو.
انتظاميا موجب شهر ۾ وڏي پيماني تي نالن مان گاد، ڪچرو ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته مون سون دوران پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ حساس هنڌن تي خاص نگراني جو نظام پڻ قائم ڪيو ويو آهي. ميئر جو چوڻ آهي ته نالن ۾ ڪچرو اڇلائيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ برساتن دوران رليف ڪيمپون به قائم ڪيون وينديون.
شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو نالن ۾ گهريلو يا تعميراتي ڪچرو نه اڇلائين، جيئن برساتي پاڻي جي رواني برقرار رهي ۽ شهري ٻوڏ جي صورتحال کان بچي سگهجي.