ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي وڏي بحري مشق ”سي اسپارڪ-2026“ شروع

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان نيوي جي وڏي بحري مشق ”سي اسپارڪ-2026“ ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي، جنهن جو مقصد روايتي توڙي جديد سامونڊي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ بحريه جي جنگي تيارين ۽ مختلف صلاحيتن جو جائزو وٺڻ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف مشق جي افتتاحي بريفنگ جي صدارت ڪئي، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه سميت هٿياربند فوجن جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف چيو ته بدلجندڙ سيڪيورٽي ماحول مسلسل تياري، هٿياربند فوجن وچ ۾ سهڪار ۽ حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو تقاضو ڪري ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب مشق ”سي اسپارڪ-2026“ ۾ جنگي جهاز، آبدوزون، هوائي جهاز ۽ جديد ڊرون سسٽمز حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته اسپيشل فورسز، پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جا گڏيل دستا پڻ مشق جو حصو آهن.

مشق دوران روايتي ۽ اڀرندڙ سامونڊي خطرن خلاف پاڪستان نيوي جي جنگي تيارين کي آزمايو پيو وڃي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشق جو بنيادي مقصد ملٽي ڊومين آپريشنز جي مشق ڪرڻ آهي، جنهن تحت سامونڊي، فضائي، زميني، سائبر ۽ خلائي معاون صلاحيتن کي هڪ ٻئي سان مربوط ڪيو پيو وڃي.

مشق دوران انفارميشن انوائرنمينٽ ۾ آپريشنز تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ته جيئن روايتي جنگي ڪاررواين سان گڏ معلوماتي محاذ تي به برتري حاصل ڪري سگهجي.

ان کان اڳ چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي فليٽ يونٽن جو دورو ڪري جاري آپريشنز جو جائزو پڻ ورتو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں