ڪراچي ۾ رھائشي پلاٽن جي ڪيٽيگري ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ تي پابندي وارو فيصلو واپس

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي آئيني عالت ڪراچي ۾ رھائشي پلاٽن جي ڪيٽيگري ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ جي پابندي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.

وفاقي آئيني عالت ڪرچاي ۾ غير قانوني تعميرات بابت ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

اڱاري ڏينھن وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪراچي ۾ غير قانوني تعميرات جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنھن ۾ عدالت رھائشي پلاٽن جي ڪيٽيگري ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ جي پابندي تي ٻڌل فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.

عدالت چيو تہ پارڪس، اسپتالن، راند جي ميدانن سميت عوامي ھنڌن جي ڪيٽيگري تبديل نہ ٿي سگھندي.

جسٽس عامر فاروق چيو تہ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت ڪنھن بہ اداري جي ڪم ۾ مداخلت نہ ڪنداسين، ڪو ادارو قانون جي خلاف ورزي ڪري رھيو آھي تہ لاڳاپيل فورم ۽ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان ڪنھن جي داد رسي نہ ٿئي تہ اپيل داخل ڪري سگھي ٿو.

جسٽس عامر فاروق چيو تہ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار تہ ھاڻ ختم ٿي چڪو آھي، جيڪڏھن بلڊنگ قانونن جي خلاف ورزي ٿي رھي آھي تہ ان لاءِ قانون موجود آھي، توقع آھي تہ ٽائون پلاننگ جا ادارا نيڪ نيتي سان ڪم ڪندا.

ھن جو چوڻ ھو تہ سپريم ڪورٽ جو پلاٽن جي ڪيٽيگري تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪنھن اداري جي رستي ۾ رڪاوٽ نہ بڻجندو. عدالت قانون ٺاھي نٿي سگھي صرف ان تي عمل ڪرائي سگھي ٿي.

جسٽس ارشد حسين چيو تہ ڪو آفيسر قانون جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں