ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم جزوي طور تي جھڙالو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب اڄ کان گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته گرمي پد37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. شهر ۾ صبح يا رات جي وقت ڪٿي ڪٿي هلڪي بونداباندي به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي مطابق ان عرصي دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهندو، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان دوران شهر ۾ سمنڊ جون هوائون ڏکڻ اولهه طرف کان هلنديون رهنديون. سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي۔