ڪراچي ۾ اڄ بھ موسم انتھائي گرم رھڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ اڄ بھ موسم گرم ۽ خشڪ رھندو.

موسميات کاتي مطابق شھر ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رھڻ جو امڪان آھي، گذريل رات گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ رھيو جڏھن شھر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رھڻ جو امڪان آھي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ھن وقت شھر ۾ سامونڊي ھوائون خاموش آھن ۽ نمي جو تناسب 48 سيڪڙو آھي.

خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجھھ ھنڌن تي برسات جو امڪان آھي.

سومر تي سڀ کان وڌيڪ گرمي تربت ۽ مٺي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي، سکر، سبي، لسٻيلي ۽ ٺٽي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، ڊيرھ غازي خان، ملتان ۽ بھاولپور ۾ 40، لاھور ۾ 37، اسلام آباد، ڪوئٽھ ۾ 34، پشاور ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

لاھور، شيخوپورھ، پاڪپتن، فيصل آباد، گجرات ۽ وھاڙي سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات بھ ٿي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳڙو بھ ڪريو.

خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۾ بھ برسات ۽ آسماني بجلي ڪرڻ سان پنج ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا جڏھن تھ بابو سر ٽاپ، نانگا پربت ۽ بٽوگاھ ٽاپ تي وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں