ڪراچي ۾ شديد گرمي جي باوجود مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ سبب شھري پريشان ٿي ويا.
علائقي واسين جو چوڻ آھي تہ مستثنيٰ قرار ڏنل علائقن ۾ بہ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جاري آھي.
ڪياماڙي، کارادر، لياري، اورنگي ٽائون، بلديہ ٽائون ۽ سعيد آباد ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش شھرين کي سخت گرمي ۾ بي حال ڪري ڇڏيو آھي.
لياقت آباد، ناظم آباد، گلبھار، رضويہ، پاڪ ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا رھواسي بہ بجلي جي بندش سبب پريشان آھن.
مختلف علائقن ۾ بجلي جي بندش سبب پاڻي جي کوٽ کي پڻ منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.
واضح رھي تہ شھر جي مختلف علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ جي اھا صورتحال ڪيترن ئي ڏينھن کان جاري آھي.