ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي تعليم کاتي ڪورنگي جي هڪ سرڪاري اسڪول جي هيڊ ماستر کي سامان جي خريداري ۽ اسڪولن جي مرمتي ڪمن لاءِ جاري بجيٽ ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.
تعليم کاتي جي اختيارين موجب لاڳاپيل هيڊ ماستر تي الزام آهي ته اسڪولن جي سامان جي خريداري لاءِ مقرر ڪيل بجيٽ مان مبينا طور 30 سيڪڙو رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هيڊ ماستر مبينا طور پنهنجي ئي نالي سان هڪ ڪمپني قائم ڪري، ان ئي ڪمپني کي اسڪولن جي مرمتي ڪمن ۽ فرنيچر جي خريداري جو ٺيڪو ڏنو.
عملدارن موجب ڪورنگي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ مرمتي ڪم ۽ فرنيچر جي خريداري لاءِ جيڪو ٺيڪو ڏنو ويو، اهو مبينا طور تي هيڊ ماستر جي ڪمپني کي ئي ڏنو ويو، جنهن تي سوال اٿيا آهن.
تعليم کاتي جي اختيارين موجب اسڪولن کي فنڊ جاري ٿيڻ کان اڳ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ (SSB) مان مبينا طور 30 سيڪڙو رقم ڪٽي وئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي ۾ مالي بي ضابطگين ۽ مفادن جي ٽڪراءَ بابت شڪايتن جي بنياد تي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن سلسلي ۾ لاڳاپيل هيڊ ماستر کان وضاحت طلب ڪرڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
شوڪاز نوٽيس ذريعي لاڳاپيل آفيسر کان مبينا ڪرپشن، بجيٽ ۾ ڪٽوتي، پنهنجي ڪمپني کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ خريداري جي عمل بابت وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.
تعليم کاتي پاران معاملي جي جاچ ۽ هيڊ ماستر جي جواب کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.