ڪراچي انٽر بورڊ: ٻارهين جماعت سائنس جنرل گروپ جي نتيجن جو اعلان ، ڪاميابي جي شرح 56.54 سيڪڙو

فہرستِ مضامین

ڪراچي(بيورو رپورٽ) انٽرميڊيٽ تعليمي بورڊ ڪراچي پاران ٻارهين جماعت سائنس جنرل گروپ جي سال 2026ع جي سالياڻي امتحانن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ڪاميابي جي مجموعي شرح 56.54 سيڪڙو رهي.

انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين فقير محمد لاکو نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته سائنس جنرل گروپ ۾ ڪونڪورڊيا ڪاليج گلشنِ حديد ڪيمپس جي شاگردياڻي جنت بنت علي دوست 1100 مان 1005 نمبر حاصل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ اي ون گريڊ ۾ ڪامياب ٿي.

آدم جي گورنمينٽ سائنس ڪاليج جي شاگرد حمزه شڪيل ولد شڪيل احمد 1003 نمبر حاصل ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته بحريا ڪاليج ايم ٽي خان روڊ جي شاگردياڻي لائبہ ذوالفقار بنت ذوالفقار علي 989 نمبر کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ٽنهي پوزيشن هولڊرن اي ون گريڊ حاصل ڪيو.

چيئرمين فقير محمد لاکو آدم جي گورنمينٽ سائنس ڪاليج جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ڪاليج جي شاگردن پاران پري انجنيئرنگ ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ سائنس جنرل گروپ ۾ به ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ شاگردن، استادن ۽ پرنسپال جي محنت ۽ بهترين رهنمائي جو نتيجو آهي.

هن چيو ته انٽرميڊيٽ جي نتيجن ۾ سرڪاري تعليمي ادارن جي شاگردن پاران نمايان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ تعليمي معيار ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي.

امتحانن بابت تفصيل ڏيندي ناظمِ امتحانات زرينه راشد ٻڌايو ته سائنس جنرل گروپ ۾ مجموعي طور 18 هزار 913 اميدوارن رجسٽريشن ڪرائي، جن مان 18 هزار 591 اميدوارن امتحان ڏنو.

انهن مان 10 هزار 511 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، جنهن سان مجموعي ڪاميابي جي شرح 56.54 سيڪڙو رهي.

نتيجن موجب 748 اميدوار اي ون، 2 هزار 193 اي، 3 هزار 184 بي، 3 هزار 76 سي، هڪ هزار 280 ڊي ۽ 20 اميدوار اي گريڊ ۾ ڪامياب ٿيا.

انٽر بورڊ ڪراچي موجب سائنس جنرل گروپ جي نتيجن کانپوءِ شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جي ايندڙ مرحلي ڏانهن وڌڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں