پاڪستان رينجرز ڪراچي جي علائقي مجاھد ڪالوني مان اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن وٽان موٽر سائيڪل، 3 موبائل فونز ۽ روڪ رقم ھٿ ڪئي آھي.
جوابدار منشيات فروشي، شادي ھالن جي ٻاھران کيسا ڪٽڻ، بجلي جي تار چوري ڪرڻ ۾ بہ ملوث آھن.
جوابدار شادي ھالن، شاپنگ مالز جي ٻاھر ريڙھي وارن جي ويس ۾ بيھندا ھئا ۽ پارڪنگ مان موٽر سائيڪل ۽ پرزا چوري ڪري فرار ٿي ويندا ھئا.
ترجمان جو اھو بہ چوڻ آھي تہ گرفتار جوابدار جي خلاف ڪيترن ئي ٿاڻن تي ايف آءِ آرز داخل آھن.