ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڌاٻيجي ۾ جديد آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني وئي آهي، منصوبي تحت روزانو هڪ لک بيرل خام تيل صاف ڪري يورو-5 معيار جو ٻارڻ تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته 3.5 ارب ڊالر جي نجي سيڙپڪاري سان سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ پاڪستان جي پيٽروليم درآمدي بل ۾ نمايان گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي.
منصوبابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت ڌاٻيجي ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزارت جي چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڌاٻيجي ۾ آئل ريفائنري جو منصوبو سي پيڪ بي ٽو بي فريم ورڪ تحت شروع ڪيو ويندو، جيڪو هن فريم ورڪ تحت هيل تائين نجي شعبي جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري واري معاهدي مان هڪ آهي.
بيان موجب منصوبي ۾ 3.5 ارب ڊالر جي نجي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ريفائنري روزانو هڪ لک بيرل خام تيل صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هوندي.
منصوبي ذريعي يورو-5 معيار جو پيٽروليم ٻارڻ تيار ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪ ۾ مقامي سطح تي ريفائننگ جي صلاحيت وڌندي ۽ درآمدي پيٽروليم شين تي انحصار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.
پڌرائي موجب ريفائنري منصوبي ۾ 40 لک ٽن پيٽروليم اسٽوريج جي گنجائش پڻ شامل هوندي، جڏهن ته بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ 50 ميگاواٽ جو ڪيپٽو پاور پلانٽ قائم ڪيو ويندو.
منصوبي جي ٽيڪنيڪل ۽ تعميراتي معاملن لاءِ چيني ڪمپنين سنڪيانگ پيٽروليم ۽ سي جي جي سي سان معاهدا پڻ طئي ڪيا ويا آهن.
حڪومت موجب ڌاٻيجي ۾ ريفائنري قائم ٿيڻ سان ٺٽو ضلعي ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته مقامي سطح تي پيٽروليم شين جي ريفائننگ سان پاڪستان جي پيٽروليم مصنوعات جي درآمدي بل ۾ پڻ نمايان گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هن منصوبي لاءِ حڪومت پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي مالي مدد يا سرڪاري ضمانت فراهم ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، جنهن سان منصوبي کي نجي سيڙپڪاري ذريعي اڳتي وڌايو ويندو.