مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ (ن) تي سخت تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ن ليگ جو پهريون وڏو وزير پنجاب ڌانڌلي سان بڻيو، جڏهن ته سندن وزيراعظم آر او اليڪشن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيو.
آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه سياسي قوتون هميشه ڌانڌلي ذريعي اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن ۽ هاڻي به ڪشمير ۾ چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
هن چيو ته ”ن ليگ جو پهريون وڏو وزير پنجاب ڌانڌلي سان بڻيو ۽ سندن وزيراعظم آر او اليڪشن جي پيداوار آهي، اهي نسل در نسل ڌانڌلي جي پيداوار آهن.“
بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ڪشمير ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏيندي ۽ 2 آگسٽ تي تير جي ڪاميابي يقيني آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته چوڌري ياسين جي اباڻي تڪ ۾ 30 پولنگ اسٽيشنن تي قبضا ڪري جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جنهن سبب هو ان نتيجي کي قبول نٿا ڪن.
سندس چوڻ هو ته وٽس 30 پولنگ اسٽيشنن بابت ثبوت موجود آهن، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کي فوري طور انهن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سياسي مقابلي ۾ شڪست قبول ڪري سگهجي ٿي، پر ڌانڌلي سان حاصل ڪيل ڪاميابي هرگز قبول نه ڪئي ويندي.
هن اهو پڻ چيو ته ڪشمير جي موجوده صورتحال جو حل پيپلز پارٽي وٽ موجود آهي، ان لاءِ هڪ ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن کي به ڪميشن جي فيصلي تائين انتظار ڪرڻ گهرجي.