ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، نم شاخ جي آبادگارن جو احتجاج، پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڊکڻ (رپورٽ: مسلم چانڊيو) ڊکڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف نم شاخ جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ سخت نعريبازي ڪندي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.

احتجاج دوران آبادگار ”پاڻي ناهي، ڇو ڀلا؟ ڪربلا، ڪربلا“ جا نعرا هڻي پاڻي جي کوٽ خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا.

ان موقعي تي آبادگارن شادي خان قمبراڻي، ظهير انڙ، عبدالله گوپانگ ۽ ٻين چيو ته نم شاخ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ مسلسل برقرار آهي، جنهن سبب ساريالي فصل لاءِ پوکيل ٻج سڙي رهيو آهي ۽ کين سخت معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هنن چيو ته سندن روزگار جو دارومدار مڪمل طور ساريالي فصل تي آهي، پر پاڻي نه هجڻ ڪري زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ آبادگار پريشاني ۾ مبتلا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نم شاخ ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جيئن آبادگار پنهنجي زمينن تي پوک ڪري سگهن ۽ وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں