لائیو ڇا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي سوال اٿارڻ ڏوھ آهي؟

فہرستِ مضامین

تحرير: شڪيل سومرو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۽ نتيجن ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف احتجاج ڪندڙ اميدوارن، سماجي ڪارڪنن ۽ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريندڙن خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد سنڌ ۾ هڪ نئون قانوني ۽ سياسي بحث ڇڙي ويو آهي۔

امٿاز چانڊيو، فياض شر ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل ڪيس تي سوشل ميڊيا، وڪيلن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي پاران سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي۔ سوال اهو اٿاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن ڪو نوجوان يا شهري ڪنهن اداري جي شفافيت تي سوال ڪري، ميرٽ جي گهر ڪري يا پرامن احتجاج ڪري، ته ڇا ان کي دهشتگردي سان ڳنڍي سگهجي ٿو؟

آئين ڇا ٿو چئي؟

پاڪستان جو آئين شهرين کي اظهار جي آزادي، پرامن احتجاج ۽ تنظيم سازي جا بنيادي حق ڏئي ٿو۔

آرٽيڪل 19 — اظهار جي آزادي

هر شهري کي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آهي۔ جيڪڏهن ڪو اميدوار يا شهري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت تي سوال اٿاري ٿو ته اهو آئين پاران مليل اظهار جي آزادي جي دائري ۾ اچي ٿو۔

آرٽيڪل 16 — پرامن اجتماع جو حق

آئين هر شهري کي پرامن گڏجاڻي ۽ احتجاج جو حق ڏئي ٿو، بشرطيڪه اهو هٿياربند يا تشدد تي ٻڌل نه هجي۔

آرٽيڪل 17 — تنظيم سازي جو حق

شهري پنهنجي حقن لاءِ تنظيمون ٺاهي سگهن ٿا، مهم هلائي سگهن ٿا ۽ گڏيل آواز اٿاري سگهن ٿا۔

دهشتگردي ايڪٽ ڇو سوال هيٺ؟

قانوني ماهرن موجب دهشتگردي ايڪٽ عام طور انهن عملن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جن سان خوف، تشدد يا رياست خلاف هٿياربند ڪارروائي جڙيل هجي۔ جيڪڏهن احتجاج پرامن هجي، رستا بند نه ڪيا وڃن، سرڪاري ملڪيت کي نقصان نه پهچايو وڃي ۽ هٿيار استعمال نه ٿين، ته پوءِ اهڙن شهرين خلاف دهشتگردي جا قلم لڳائڻ تي سنجيده قانوني سوال پيدا ٿين ٿا۔

سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو پڇي رھيا آهن: ڇا ميرٽ جي ڳالهه ڪرڻ دهشتگردي آهي؟ ڇا امتحاني شفافيت تي سوال اٿارڻ جرم آهي؟ ڇا نوجوانن کي احتجاج بدران خاموش رهڻ جو پيغام ڏنو پيو وڃي؟

سنڌ ۾ احتجاجن تي وڌندڙ پابنديون؟

تازن مهينن ۾ سنڌ اندر سياسي، سماجي ۽ شهري احتجاجن تي پابندين بابت پڻ تنقيد وڌي آهي۔

تازو عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماني ۽ ٻين کي ڪراچي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس کان اڳ روڪڻ ۽ گرفتار ڪرڻ واري واقعي تي به سخت ردعمل سامهون آيو هو۔ بعد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن کانپوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو۔

صحافتي ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل حلقا سوال اٿاري رھيا آهن ته: جيڪڏھن پريس ڪلب آڏو پريس ڪانفرنس به نه ٿي ڪري سگهجي ته پوءِ جمهوريت جو عملي مطلب ڇا بچي ٿو؟ ڇا رياست تنقيد برداشت ڪرڻ بدران اختلاف کي دٻائڻ طرف وڌي رھي آهي؟

جمهوريت يا خوف؟

سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي پارٽي جي حڪومت آهي، جيڪا پاڻ کي جمهوري ۽ عوامي حقن جي علمبردار جماعت سڏائي ٿي۔ پر جڏهن شاگرد، عورتون، سماجي ڪارڪن يا بي روزگار نوجوان پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ۽ انهن تي ڪيس داخل ٿين ٿا، ته حڪومت جي جمهوري دعوائن تي به سوال اڀرن ٿا۔

اصل سوال

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙا ادارا ميرٽ ۽ شفافيت جي علامت هجڻ گهرجن۔ جيڪڏهن نوجوان انهن ادارن تي اعتماد وڃائي ويهن ۽ سوال ڪرڻ تي به ڪيس داخل ٿين، ته پوءِ بيچيني وڌڻ فطري آهي۔

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جمهوري سماجن ۾ ادارن تي تنقيد کي سڌاري جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، نه ته جرم۔

هاڻي اصل سوال اهو آهي: ڇا سنڌ ۾ پرامن احتجاج ۽ ادارن کان شفافيت جو مطالبو ڪرڻ به خطري جي علامت بڻجي ويو آهي؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں