ڇا ايندڙ ٽن مهينن تائين بجلي مهانگي ٿيندي؟ نيپرا جي فيصلي جو انتظار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): بجلي صارفين لاءِ هڪ ٻي پريشاني سامهون اچي وئي آهي، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت ايندڙ ٽن مهينن دوران بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هر مهيني واڌ جو امڪان آهي. جيڪڏهن نيپرا پاران درخواست منظور ڪئي وئي ته صارفين تي مجموعي طور اربين رپين جو اضافي بار منتقل ٿي سگهي ٿو.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين پاران صارفين تي 34 ارب رپين جو اضافي بار منتقل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ هڪ رپيو 34 پئسا واڌ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ٽن مهينن تائين هر مهيني لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا درخواست جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ۽ سمورن لاڳاپيل معاملن جي جاچ پڙتال کانپوءِ حتمي فيصلو جاري ڪندي.

جيڪڏهن بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي ته ان جو سڌو اثر صارفين جي ايندڙ ٽن مهينن جي بجلي جي بلن تي پوندو ۽ بجلي جا بل وڌيڪ مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں