چيني پرڏيھي وزير وانگ زي ۽ آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالھھ ٻولھھ ٿي آھي.
چيني ميڊيا مطابق ڳالھين دوران چيني پرڏيھي وزير چيو تھ تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفاد جو معاملو آھي، آمريڪا کي پنھنجي واعدن تي قائم رھڻ گھرجي ۽ درست چونڊ ڪرڻ گھرجي.
پرڏيھي وزير وانگ زي جو چوڻ ھو تھ چين ۽ آمريڪا جا تعلقات مجموعي طور تي مستحڪم رھيا آھن، تعاون کي وڌائڻ ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ گھرجي.
چيني ميڊيا رپورٽس مطابق چين ۽ آمريڪا جي پرڏيھي وزيرن وچ اوڀر جي صورتحال تي بھ ڳالھيون ڪيون.