پڊعيدن (رپورٽ: حيدر پلهه): سنڌ ورهائڻ جي مبينا سازش، 28هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، جلالپور ڪئنال سميت نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف عوامي تحريڪ طرفان پڊعيدن ۾ عوامي سجاڳي مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن، آبادگارن، هارين، نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جي سربراهي ۾ سجاڳي مارچ صدا واهه کان ڦاٽڪ تائين ڪڍيو ويو، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن سنڌ جي وحدت، زمين، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ نعريبازي ڪئي.
مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو، ضلعي نوشهري فيروز جي صدر لطيف ڀٽي، ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو، عبدالسلام سومرو، ستار عمراڻي، هارون ڪلهوڙو، احسان ابوپوٽو، غلام قادر راڄپر، نظير سومرو، سراج منگي، امان الله خاصخيلي، اسد سيال، فياض مختيار ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون مبينا سازشون سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. سندن چوڻ هو ته نون صوبن جي مهم ذريعي سنڌ جي وحدت کي متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن خلاف پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رکي ويندي.
اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ وسيلن بابت ڪنهن به اهڙي قدم کي قبول نه ڪيو ويندو، جيڪو سنڌ جي عوام جي حقن کي متاثر ڪري.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن 28هين آئيني ترميم بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ڍانچي، صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن بابت اهڙي ڪنهن به تبديلي کي قبول نه ڪيو ويندو، جنهن سان صوبن جي خودمختياري يا عوام جا آئيني حق متاثر ٿين.
اڳواڻن ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زرعي زمينن کي وڏين ڪمپنين يا بااثر ڌرين حوالي ڪرڻ واري پاليسي تي پڻ سخت تنقيد ڪئي.
سندن چوڻ هو ته زرعي زمين سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن لاءِ معاشي سهارو آهي، جيڪڏهن زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وڏين ڪمپنين حوالي ڪيون ويون ته مقامي آبادگارن جي روزگار ۽ معاشي مفادن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
هنن چيو ته زرعي زمينن جو تحفظ، آبادگارن جا حق ۽ خوراڪ جي خودمختياري يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اڳواڻن ايس آءِ ايف سي جي پاليسين تي پڻ تنقيد ڪندي چيو ته زمينن ۽ وسيلن بابت فيصلا مقامي ماڻهن جي مفادن کي نظرانداز ڪري نه ٿيڻ گهرجن.
جلالپور ڪئنال سميت نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جي منصوبن بابت اڳواڻن چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جون رٿائون سنڌ جي زراعت ۽ ماحوليات لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي پاڻي واري حصي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي وڃي ۽ نون ڪئنالن توڙي ڊيمن بابت سنڌ جي عوام جا خدشا ختم ڪيا وڃن.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جون زمينون، پاڻي، معدني وسيلا، ٻيلا، جبل ۽ ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ جي عوام سان لاڳاپيل آهن، تنهنڪري انهن بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏني وڃي.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته عوامي سجاڳي مهم جو مقصد سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين ۾ عوام کي سنڌ کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪرڻ ۽ پرامن جمهوري جدوجهد کي منظم ڪرڻ آهي.
هنن چيو ته سنڌ جي عوام کي پاڻي جي کوٽ، بيروزگاري، مهانگائي، تعليم، صحت، امن امان ۽ زمينن تي مبينا قبضن جهڙن بنيادي مسئلن جي حل جي ضرورت آهي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي ورهائڻ بابت سمورين ڪوششن کي روڪڻ سان گڏ سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ جي زمين، پاڻي، وسيلن ۽ وحدت جي تحفظ لاءِ سندن پرامن ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي.