لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)27-2026ع جي ڊوميسٽڪ سيزن جي شروعات لاءِ نيشنل چيمپيئنز ڪپ جو شيڊيول ۽ چئن ٽيمن جا اسڪواڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. 50 اوورن تي ٻڌل لسٽ اي ٽورنامينٽ 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان گرينز، پاڪستان وائيٽس، پاڪستان بليوز ۽ پاڪستان گولڊ جون ٽيمون حصو وٺنديون. سڀئي ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندا ۽ هر ميچ مقامي وقت موجب منجهند 3 وڳي شروع ٿيندو.
پي سي بي موجب چارئي ٽيمون سنگل ليگ رائونڊ رابن فارميٽ تحت هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون، جڏهن ته پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوائنٽس حاصل ڪندڙ 2 ٽيمون 18 آگسٽ تي فائنل کيڏنديون.
قومي سليڪشن ڪميٽي هر ٽيم لاءِ شروعاتي 11 رانديگرن جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته 13 رڪني ريزرو پول پڻ تيار ڪيو ويو آهي. ريزرو رانديگر رڳو زخمي ٿيڻ يا ڪنڪشن جي صورت ۾ ٽيم جو حصو بڻجي سگهندا، جڏهن ته هو ٽريننگ ۽ ميچن دوران پنهنجي ٽيم سان گڏ رهندا.
ٽورنامينٽ ۾ شاداب خان پاڪستان گرينز، صائم ايوب پاڪستان وائيٽس، صاحبزاده فرحان پاڪستان بليوز ۽ شاهين شاهه آفريدي پاڪستان گولڊ جي قيادت ڪندا.
پي سي بي جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس ۽ قومي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر عاقب جاويد چيو آهي ته اعليٰ معيار جي هن 50 اوورن واري ٽورنامينٽ جو مقصد بهترين رانديگرن کي وڌيڪ کان وڌيڪ ميچ پريڪٽس فراهم ڪرڻ آهي، جيئن 2027 آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ مدد ملي سگهي.
هن چيو ته ٽيمن جي چونڊ هڪ روزه ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن جي ڪردارن کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته ملتان ۾ شائقين کي سخت ۽ دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.
نيشنل چيمپيئنز ڪپ جو شيڊيول:
11 آگسٽ: پاڪستان گرينز 🆚 پاڪستان وائيٽس وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
12 آگسٽ: پاڪستان بليوز 🆚 پاڪستان گولڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
13 آگسٽ: پاڪستان بليوز 🆚 پاڪستان وائيٽس وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
14 آگسٽ: پاڪستان گولڊ 🆚 پاڪستان گرينز وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
15 آگسٽ: پاڪستان بليوز 🆚 پاڪستان گرينز وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
16 آگسٽ: پاڪستان گولڊ 🆚 پاڪستان وائيٽس وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
18 آگسٽ: پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ ٻن ٽيمن وچ ۾ فائيل ٿيندو.