پاڪستان سپر لیگ جي مختلف ٽيمن جي مالڪن شھباز شریف کان اسٽيڊيمز ۾ تماشائين کي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي۔
سوشل ميڊيا تي جاري پيغامن ۾ فرنچائز مالڪن چيو تہ تماشائن کانسواءِ پي ايس ايل جو مزو اڌورو رھجي ويندو .
لاھور قلندرز جي مالڪ عاطف رانا چيو تہ پي ايس ايل پاڪستان ڪرڪيٽ جو جشن آهي، پر تماشائن کانسواءِ اهو اڌورو آهي، تنهنڪري وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ کي درخواست آهي تہ ماڻهن کي ميدان ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي۔
ملتان سلطانز جي مالڪ گوھر شاھ پنهنجي پيغام ۾ چيو تہ “اسان سڀ تماشائين جي واپسي چاهيون ٿا ”۔
راولپنڈی ٽیم سان لاڳاپيل احسن طاھر جو چوڻ هو تہ تماشائين کانسواءِ ڪرڪيٽ ناهي، ڇو تہ ڪرڪيٽ عوام جي راند آهي ۽ انهن جي جوش سان ئي زندہ رھي ٿي۔
پشاور زلمی جي مالڪ جاوید آفریدی چيو تہ پي ايس ايل قوم کي گڏ رکڻ جو ذريعو آهي ۽ تماشائين جو جذبو ئي هن ليگ جي اصل سڃاڻپ آهي۔
اسلام آباد یونائیٽڊ جي مالڪ علی نقوی چيو تہ گرائونڊ ۾ تماشائين جي موجودگي پي ايس ايل جي ڌڙڪن آهي، انهن کانسواءِ ليگ اڌوري لڳي ٿي۔
حیدرآباد ڪنگز جي مالڪ فواد سرور چيو تہ پهرين ميچ ۾ تماشائين کي تمام گهڻو ياد ڪيو ويو ۽ هاڻي چاهيون ٿا تہ ٻيهر اسٽيڊيمز ۾ شور ۽ جذبو واپس اچي۔
ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال چيو تہ پي ايس ايل دوران خالي اسٽيڊيم ڏسي ڏک ٿو ٿئي ۽ اميد آهي تہ جلد تماشائين کي واپس اچڻ جي اجازت ملندي۔..