پيٽرول جون قيمتون برقرار، ڊيلرز کي وڏو رليف! هڙتال ملتوي، 30 ڏينهن ۾ نئون فيصلو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون ايندڙ ٽن ڏينهن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ ھڪ رپيو 34 پيسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي وڏي ڇڪتاڻ عارضي طور ختم ڪري ڇڏي آهي. حڪومت جي فيصلي کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز پنهنجي اعلانيل هڙتال ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊيلرز جي وڌيڪ مطالبن تي 30 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين تي ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني جي منظوري ڏني وئي.

سرڪاري فيصلي موجب پيٽرول جي قيمت 325 رپيا 43 پيسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 383 رپيا 95 پيسا في ليٽر برقرار رهندي، جنهن سبب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران صارفين لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون تبديل نه ٿينديون.

ڊيلرز کي وڏو رليف

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب حڪومت ڊيلرز جي مارجن ۾ ھڪ رپيو 34 پيسا في ليٽر واڌ ڪري مجموعي مارجن 10 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏيو آهي.

مارجن ۾ واڌ جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز پنهنجي اعلانيل ملڪ گير هڙتال ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن سان ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو به عارضي طور ختم ٿي ويو.

پيٽروليم ڊيلرز طرفان مجموعي مارجن کي 8 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو مطالبو پڻ حڪومت آڏو رکيو ويو، جنهن تي وڌيڪ غور لاءِ حڪومت ۽ ڊيلرز جي نمائندن تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب اها ڪميٽي 30 ڏينهن اندر پنهنجون سفارشون ۽ رپورٽ پيش ڪندي، جنهن کانپوءِ ڊيلرز جي مارجن بابت وڌيڪ فيصلو ڪيو ويندو.

حڪومت جي تازي فيصلي سان في الحال عوام کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪنهن نئين واڌ کي منهن نه ڏيڻو پوندو، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ عالمي تيل مارڪيٽ جي صورتحال، درآمدي خرچن ۽ ٻين معاشي عنصرن کي نظر ۾ رکندي نئين قيمتن بابت فيصلو ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں