پيٽرول، ڊيزل ۽ ٽيڪس خلاف گڊز ٽرانسپورٽرز جو احتجاج، اڻڄاتل مدي تائين ھڙتال جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٽرانسپورٽ شعبي تي 7 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد اڄ 8 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ اڻڄاتل مدي تائين هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. ٽرانسپورٽ اتحاد جو چوڻ آهي ته حڪومت سان اڳوڻيون ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت سومر ڏينهن ٻيهر ڳالهين لاءِ اتحاد کي طلب ڪري ورتو آهي.

اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان موجب حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽرانسپورٽ اتحاد جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ سومر تي ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو، ان وقت تائين هڙتال جاري رهندي.

ٽرانسپورٽ اتحاد پاران پيٽروليم شين ج اگھ روزانو جي بنياد تي مقرر ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ شعبي تي 7 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف پڻ احتجاج ڪيو پيو وڃي. هڙتال سبب ملڪ اندر سامان جي ترسيل ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ جي سرگرميون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں