آمريڪي صدر ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوپ ليو ۽ اطالوي وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تہ پوپ ليو کي ايران جي ايٽمي خطري جو ڪو بہ علم ناھي، پوپ کي جنگين تي نہ ڳالھائڻ گھرجي، پوپ کي پتو ئي ناھي تہ دنيا ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.
آمريڪي صدر اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تہ منھنجا تبصرا نہ، جارجيا ميلوني پاڻ ناقابل قبول آھي ڇو تہ ميلوني کي فڪر ناھي تہ ايران وٽ ايٽمي ھٿيار ھجن يا نہ ھجن، ميلوني کي اھا بہ فڪر ناھي تہ ايران کي جيڪڏھن موقعو مليو تہ اھو ٻن منٽن ۾ اٽلي کي تباھ ڪري ڇڏيندو.
واضح رھي تہ ٽرمپ ماضي ۾ اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني جي ساراھ ڪندو رھيو آھي.