ٽرينيڊاڊ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ اهم برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان 211 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ صرف 120 رنسن تي ڍير ٿي ويو.
برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
211 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائن مڪمل طور ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم صرف 120 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان اذان اويس، امام الحق ۽ شان مسعود 3، 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته سلمان آغا، عامر جمال ۽ محمد علي بنا ڪنهن رن جي پويلين موٽي ويا. علي عثمان 2 ۽ خرم شهزاد 4 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 58 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان جا اٺ رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم مجموعي طور سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، پر آخري ڏينهن بيٽنگ لائن اميدن تي پوري نه لٿي.
هن چيو ته نئين بال سان ڏکيائين جو اندازو هو، پر لڳاتار وڪيٽون ڪرڻ سبب دٻاءُ وڌندو ويو. سندس چوڻ هو ته 211 رنسن جو هدف حاصل ڪري سگهجي پيو، ۽ ٽيم ايندڙ ٽيسٽ ۾ بهتر راند سان واپسي جي ڪوشش ڪندي.
ان کان اڳ ويسٽ انڊيز چوٿين ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز 7 وڪيٽن تي 126 رنسن کان ٻيهر شروع ڪئي ۽ سڄي ٽيم 181 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن سان ميزبان ٽيم کي مجموعي طور 210 رنسن جي برتري حاصل ٿي.
پاڪستان طرفان محمد عباس 5، جڏهن ته خرم شهزاد ۽ محمد علي 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ياد رهي ته ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ 311 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 282 رنسن تي آئوٽ ٿيو هو.