پنھنجي اخلاقيات ڪٿي آھي؟ فضا جو ريٽنگ لاءِ ھر حد تائين وڃڻ جو پراڻو شوق آھي: عظميٰ بخاري

فہرستِ مضامین

پنجاب جي سڌسماءَ واري وزير عظميٰ بخاري اداڪارھ فضا علي جي وائرل ويڊيو تي تنقيد ڪندي چيو آھي تہ اداڪارھ جو ريٽنگ حاصل ڪرڻ جو اھو پراڻو شوق آھي.

ھڪ انٽرويو ۾ ميزبان عظميٰ بخاري کان فضا علي جي وائرل ويڊيو تي سوال ڪيو جنھن تي ھن چيو تہ اھو تمام افسوسناڪ آھي، پيمرا کي تہ ڏسڻ گھرجي ۽ مون کي لڳي ٿو تہ پيمرا ان کي ڏسندو بہ، پر پنھنجي اخلاقيات ڪٿي آھي؟

ھن چيو تہ اداڪارھ جي 8 کان 10 سالن جي ٻارڙي آھي ان کي پاڻ سان ويھاريو آھي ۽ ڪئمرا جي آڏو ان قسم جون حرڪتون ڪري رھي آھي، ذاتي زندگي بہ ڪنھن شيءِ جو نالو آھي.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو تہ ٺيڪ آھي اوھان خوش آھيو اللھ اوھان کي خوش رکي، سٺي زندگي گذاريو پر ان جو اھو مطلب ناھي تہ سرعام اھو سڀ ڪري رھيون آھيو ۽ پوءِ ان کي ٽي وي تي نشر بہ ڪيو پيو وڃي ان کي روڪي بہ سگھجي پيو.

ھن چيو تہ فضا بي بي جو ريٽنگ حاصل ڪرڻ لاءِ ھر حد تائين وڃڻ جو پراڻو شوق آھي، ھوءَ پنھنجو شوق پورو ڪري رھي آھي پر ڏسي تمام تڪليف ٿي.

ياد رھي تہ تازو ئي فضا علي پنھنجي مارننگ شو ۾ مڙس اعجاز خان کي مھمان طور گھرايو ھو جتي ھنن پنھنجي ملاقات ۽ محبت جي ڪھاڻي ٻڌائي.

پروگرام ۾ فضا علي جي ڌيءَ فرال بہ شريڪ ھئي جنھن والد کان لائيو شو ۾ والدھ کي ھنج ۾ کڻڻ جي فرمائش ڪئي، ان کان پوءِ اعجاز خان فضا علي کي پنھنجي ڪلھي تي کنيو جيڪا ويڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ۽ صارفين طرفان شديد تنقيد ڪئي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں