پنجاب ۾ غير رجسٽرڊ اسڪولن ۽ اڪيڊمين خلاف ڪارروائي جو آغاز ڪندي ضلعي تعليم اٿارٽي نوٽيس جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ترجمان موجب رڳو هڪ ئي ڏينهن دوران 744 تعليمي ادارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته غير رجسٽرڊ اسڪولن ۽ اڪيڊمين جي مالڪن کي ٽن ڏينهن اندر پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪرائڻ جي آخري هدايت پڻ ڏني وئي آهي.
پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات چيو آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن واضح ڪيو ته رجسٽريشن هر نجي تعليمي اداري لاءِ لازمي آهي، ۽ رجسٽريشن کانسواءِ تعليمي ادارو هلائڻ قانوني طور جرم آهي. اهڙن ذميوار ماڻهن سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
رانا سڪندر حيات موجب غير رجسٽرڊ تعليمي ادارو هلائڻ تي 3 لک کان 40 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته ايجوڪيشن اٿارٽي جي رڪارڊ موجب سوين نجي اسڪول اڃا تائين غير رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته ضلعي تعليم اٿارٽيون ٽن ڏينهن اندر رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪنديون.
پنجاب جي تعليم واري وزير وڌيڪ اعلان ڪندي چيو ته سڀني اسڪولن لاءِ بلڊنگ فٽنيس سرٽيفڪيٽ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ان کانسواءِ ڪو به تعليمي ادارو نه کولي سگهجي ٿو.
هن اها به هدايت ڪئي ته سڀئي تعليمي ادارا فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائين، جڏهن ته ايجوڪيشن اٿارٽيون ان جي لازمي جاچ پڻ ڪن.