بالي ووڊ اداڪارھ پريتي زنٽا سوشل ميڊيا تي پاڻ کي ٽرافي چوڻ تي سخت رد عمل ڏيندي واضح ڪيو آھي تھ ڪنھن بھ عورت کي اھڙي طرح جو ليبل ڏيڻ قابل قبول ناھي.
پريتي زنٽا پنھنجي ايڪس اڪائونٽ (ٽوئٽر) تي جاري چيٽ سيشن دوران ھڪ صارف جي تبصري جو جواب ڏيندي چيو تھ ڪا بھ عورت ٽرافي بڻجڻ نٿي چاھي، ٽرافيون شيشي جي شوڪيس ۾ رکيون وينديون آھن، جڏھن تھ عورت جو مقام اوھان جي زندگي ۽ دل ۾ ھوندو آھي.
سندس جواب کي سوشل ميڊيا تي ڪافي پذيرائي ملي ۽ صارفين سندس واضح موقف جي ساراھھ ڪئي آھي.
اداڪارھ ڪل ھو نھ ھو ۽ وير زارا جھڙين ڪامياب فلمن جي لاءِ سڃاتي ويندي آھي، ھن پنھنجي چيٽ سيشن ۾ پنھنجي ايندڙ فلمن بابت بھ ڳالھايو.
ھن ٻڌايو تھ منھنجي فلم لاھور 1947ع سائن ھڪ محبت جي ڪھاڻي آھي جيڪا ورھاڱي ۽ نفرت جي دور ۾ ترتيب ڏني وئي آھي.
پريتي زنٽا اھا بھ تصديق ڪئي تھ منھنجي ھيءَ فلم 13 آگسٽ 2026ع تي رليز ٿيندي.