بشڪيڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي خطي جي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي ضمانت آهي، تنهن ڪري پاڻي کي سياسي مقصدن يا دٻاءَ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. سندس چوڻ هو ته عالمي معاهدن تي انهن جي روح ۽ لفظن موجب مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائڻ ضروري آهي.
بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته موجوده عالمي منظرنامو وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ايس سي او گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جي علامت آهي.
شهباز شريف چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ ايس سي او هڪ اهم پليٽ فارم آهي ۽ تنظيم جا 25 سال مڪمل ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پاڪستان ايس سي او جو فعال ۽ ذميوار ميمبر آهي ۽ تڪرارن جي پرامن حل سان گڏ عالمي قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿو.
وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا پائيدار امن کانسواءِ پنهنجي مڪمل صلاحيت حاصل نٿو ڪري سگهي. پاڻي خطي جي زندگي ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل سان جڙيل آهي، ان ڪري ان کي سياسي مقصدن يا دٻاءَ جي اوزار طور استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي.
هن زور ڏنو ته عالمي معاهدن تي انهن جي روح ۽ لفظن موجب مڪمل طور عمل ٿيڻ گهرجي.
شهباز شريف چيو ته تازن بحرانن محفوظ توانائي راهداريءَ جي اهميت کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان علائقائي بحران دوران امن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون، جيڪا خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ طرف اهم قدم آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار علائقائي امن لاءِ پرعزم آهي ۽ تڪرارن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڪڍڻ گهرجي.
فلسطين جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شهباز شريف چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ انساني الميو ناقابل تصور تڪليفن جو سبب بڻجي رهيو آهي.
هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جو احترام ڪيو وڃي ۽ خطي ۾ امن ۽ انصاف لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خطي کي درپيش سنگين ترين خطرن مان هڪ آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون قربان ڪيون، جڏهن ته ملڪ کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، پر افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ٿو ڏئي سگهجي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايس سي او جي چيئرمين شپ سنڀالي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد تنظيم جي ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران توانائي ۽ آءِ ٽي کي خاص ترجيح ڏني ويندي، جڏهن ته صحت، ثقافت ۽ راندين جا شعبا پڻ اهم ترجيحن ۾ شامل هوندا.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ايس سي او ۾ مصنوعي ذهانت (AI) جي انفراسٽرڪچر ۽ گورننس فريم ورڪ جي تجويز پڻ پيش ڪندو.
شهباز شريف چيو ته سي پيڪ علائقائي معيشتن کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ جو اهم ذريعو آهي ۽ ايس سي او ملڪن وچ ۾ رابطا وڌائڻ، جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ايس سي او ٽڪراءَ بدران تعاون ۽ خوف بدران اميد جو رستو چونڊيو آهي، جڏهن ته بهتر رابطن سان عوام هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندا، جدت سان نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ گڏيل ڪوششن سان خطي لاءِ بهتر مستقبل جوڙڻ ممڪن ٿيندو.