پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2027ع ۾ پنج هڪ ڏينھن جو ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪندي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنج ون ڊي ميچن جي سيريز 15 مئي کان 26 مئي 2027ع تائين سائوٿمپٽن، مانچسٽر، ليڊز، چيسٽر لي اسٽريٽ ۽ ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي.
شيڊيول موجب، سيريز جو پهريون ون ڊي 15 مئي تي سائوٿمپٽن، ٻيو 19 مئي تي مانچسٽر، ٽيون 21 مئي تي ليڊز، چوٿون 23 مئي تي چيسٽر لي اسٽريٽ ۽ پنجون ۽ آخري ون ڊي 26 مئي تي ڪارڊف ۾ کيڏيو ويندو.
هي پنج ميچن تي ٻڌل سيريز ٻنهي ٽيمن لاءِ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027ع جي تيارين جو اهم حصو هوندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 4 آڪٽوبر کان 21 نومبر 2027ع تائين ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ۾ کيڏيو ويندو.
هاڻوڪي آءِ سي سي ون ڊي ٽيم رينڪنگ موجب پاڪستان پنجين، جڏهن ته انگلينڊ ستين نمبر تي موجود آهي.
ياد رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو 2021ع ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪيو هو.