اسلام آباد/دهلي ( انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ تازي فوجي تڪرار کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي 117 اڳوڻن سفارتڪارن، فوجي آفيسرن، تعليمي ماهرن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن هڪ گڏيل کليل خط ذريعي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نريندر مودي تي زور ڏنو آهي ته هو ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ڪن ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏين.
هن خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ بي اعتمادي، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل جمود ختم ڪرڻ لاءِ “ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي” کي ٻيهر فعال ڪيو وڃي. خط تي صحيح ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ خرابي سڄي ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي اهڙو غير سرڪاري سفارتي عمل آهي، جنهن ۾ اڳوڻا سفارتڪار، رٽائرڊ فوجي آفيسر، دانشور، صحافي، واپاري ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شامل ٿي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ، اختلاف گهٽائڻ ۽ حڪومتن لاءِ ڳالهين جو ماحول تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙيون ملاقاتون سرڪاري ڳالهين جو متبادل نه، پر انهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جو ذريعو سمجهيون وڃن ٿيون.
بي بي سي موجب خط ۾ ٻنهي وزيراعظمن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جنگي بيانبازي، نفرت ۽ الزام تراشي بدران سفارتڪاري، رابطن ۽ مسئلن جي پرامن حل کي ترجيح ڏني وڃي. خط ۾ خاص طور تي انساني رابطن، صحافين، شاگردن، فنڪارن ۽ واپارين جي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ، ويزا پاليسي ۾ نرمي آڻڻ ۽ سرڪاري ڳالهين جي بحالي تي زور ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته اپريل ۽ مئي 2025ع جي تڪرار کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سخت متاثر ٿيا، سفارتي رابطا محدود ٿي ويا ۽ ڪيترائي ٻطرفا معاهدا ۽ سهڪار جا سلسلا پڻ متاثر ٿيا. اهڙي صورتحال ۾ امن جي حامين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ ٽو ڊپلوميسي مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.